عدليا پنهنجو ڪم ڪري، آئيني بحران ناهي، عثمان بوزدار وڏو وزير آ: پرويز الاهي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي اسپيڪر پرويز الاهي ن ليگ جي حمزا شهباز کي وڏو وزير مڃڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته عثمان بوزدار اڄ به وڏو وزير آهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پرويز الاهي چيو ته عدليا ايوان جي ڪارروائي ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت نٿي ڪري سگهي، اها ڳالهه سپريم ڪورٽ به چئي چڪي آهي، سڀني ادارن کي پنهنجو ۽ عدليا کي پنهنجو ڪم ڪرڻ گهرجي، قانون سازي به عدالتن کي ڪرڻي آهي ته پوءِ هيڏي هليا اچو.

هن چيو ته هن بحران جو ذميوار ڪير آهي؟ چونڊ ڪرائڻ جو آرڊر عدالت جو هو، اسان سڀني مڃيو، پوليس معاملو خراب ڪري ڇڏيو، شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي چوڻ تي حملو ٿيو، ڊپٽي اسپيڪر ڀڄي وزيٽر گيلري ۾ هليو ويو، وزيٽر گيلري مان چونڊ ڪرائي وئي، اها چونڊ ٿي ئي ناهي، ڪير ٿو چئي ته صوبي ۾ آئيني بحران آهي، عثمان بوزدار اڄ به وڏو وزير آهي.

سندس موجب جيستائين نئون وڏو وزير حلف نٿو کڻي پراڻو برقرار آهي، عورت اسيمبلي ميمبر آسيا امجد اڄ به وينٽي ليٽر تي آهي، ان جو ذميوار شهباز شريف، حمزا، آءِ جي ۽ ڊپٽي اسپيڪر آهي، شريفن جو چهرو سامهون اچي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.