وزيراعظم شهباز شريف پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي سمري رد ڪري ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي سمري رد ڪري ڇڏي.

وزيراعظم شهباز شريف کي اوگرا طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي سمري وصول ٿي پر هن ان کي منظور ڪرڻ بدران رد ڪندي قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ان حوالي سان اطلاعات واري وزير مريم اورنگزيب چيو ته گذريل حڪومت جي نالائقي، نااهلي ۽ غلطين جي سزا عوام کي نٿا ڏئي سگهون، مهانگائي سان پريشان عوام تي وڌيڪ بار نٿا وجهي سگهون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.