سيد سَراپَا سنڌ ھو..!!

عامر خان مهيسر

ڌرتي جو وڏو ڪارنامو اھو آھي ته جتي ھن پنهنجي  وشال سيني  مان وڻ، جبل جوالان ۽ جزيرا پيدا ڪيا آھن اتي فطرت جي پرنور تخليق انسان کي به آباد ڪيو اٿس جيڪو پنهنجي جوھر ۾ ڪائنات جو محور ٿو ڏسجي. سنسار جي سجاوٽ ۽ ان جي رنگن ۾ ازل کان اڄ تائين اھڙا ڪيترا ئي دور آيا آھن جن ۾ ڌرتي جي املھه ۽ ارڏن فرزندن پاڻ ڳولهي ڪائنات جو ازلي حسن پوڄيو آھي جنهن  ۾ محبت آھي, امن آھي, اتحاد آھي ۽ ترقي بني آدم جو بنياد آھي. اڄ تائين اھو سلسلو جاري آھي. ڪي قدر دان اچڻ جي تياري ڪري رھيا آھن ۽ ڪي وڃڻ جي ويجهو آھن، ڪن مختصر جيون گهاريو ۽ ڪن ڊگهي ڄمار ماڻي، ڪن پاڻ کان پري ڏٺو ئي ڪين ۽ ڪن رڳو پري ڏٺو ۽ پاڻ ڏانهن ڏٺو ئي ڪين، ڪن ذاتي مفادن کي عزيز سمجهيو ۽ ڪن اجتمائي مفادن لاءِ  پاڻ پتوڙيندي پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. انهن سڀني انسانن کي ياد ڪرڻ ته ممڪن ڪين آھي, پر ياد  اھڙن انسانن کي رکيو ويندو آھي جن جي سوچ ۽ عمل اجتمائي ۽ مثبت ھوندو آھي. سونهاري سنڌ به  اھڙن امر انسانن کي جنم ڏنو آھي, جن پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ رھندي پنهنجي ڪرت سان نڀايو آھي پوء ڀلي کڻي اھي عالم، اديب ھجن يا شاعر مانجهي مرد ھجن يا جوڌا جوان ھجن يا سونهاري سنڌ مٿان پنهنجي جند گهوريندڙ عاشق ھجن.

اھڙن ئي ارڏن ۽ عاشقن  ۾ مٿانهون نانءُ سن جي سيد ”جي ايم سيد“ جو به آھي. سيد ھڪ اداري ساز شخصيت ھو جنهن سنڌ کي سنڌ يونيورسٽي ڏني، ادبي بورڊ ڏنو، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پڻ ڏني، نه صرف ايترو پر ھن سنڌ کي هڪ فڪر پڻ ڏنو جنهن کي جيئم ازم ۽ پيغام سنڌ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، جنهن جي ڏوھ ۾ هن کي 32 سال 10 مهينا ۽ 21 ڏينهن قيد ۽ نظربندي ھيٺ رهڻو پيو، ايترين سخت ترين تڪليفن، مشڪلاتن ۽ سختين جي باوجود ھن سنڌ کي موضوع بڻائي بي انتها لکندو رهيو ۽ لوچيندو رهيو، گهڙي پل لاءِ  به هن وٽ سنڌ جي عشق ۾ ڪمي ڪانه آئي، سِنڌ ھميشه انسانيت جو پيغام ڏِنو آهي ۽ سائين جي ايم سيد به سَراپا سِنڌ ھو ۽ تاقيامت تائين رھندو، ھن پنهنجي تاريخي وَطن سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ  لازوال جُدوجهد ڪئي آھي. جنهن جي نتيجي ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل طرفان به سائين جي ايم سيد کي ”ضمير جي قيدي“ جو اعزاز پڻ ڏِنو ويو. امن جي پيغام جي ڦهلاءُ  لاءِ  سائين جي ايم سيد سموري حياتي اُن پيغام کي ساهه جي آخري تند تائين ڦهلايو، نه صرف ڦهلايو، پر پاڻ به عملي طرح سان مڪمل اتحاد امن، پيار، رواداري، ڀائيچاري ۽ اظهار جي آزاديءَ جو عملي پيغام هو.

سائين جي ايم سيد سڄي ڄمار سنڌين کي سُجاڳ ڪرڻ لاءِ  65 کان وڌيڪ ڪتاب لکي سنڌي ماڻهن کي ھر ان سازشن کان آگاهه ڪندو رهيو جيڪا سنڌ جي وحدانيت ۽ ماروئڙن جي خلاف ھئي ۽ سنڌ جي ماڻهن کي ھن وسريل سنڌ ياد ڏياري، سائين جي ايم سَيد ٻالڪپڻ کان وٺي ساھ جي آخري پساھ تائين مختلف پليٽ فارمن تان جُدوجَهد ڪئي آھي جيڪا فَقط ۽ فَقط سِنڌ لاءِ  ئي هُئي ۽ پنهنجي اصول ۽ ڳالھه تان ڪڏھن ڪين ھٿ کنيو يا ڦريو. سنڌي قوم کي سيد شعور بخشيو آھي نه صرف ايترو پر ھن ستل قوم ۾ سجاڳي پيدا ڪري عقل، دانائي، ڏاھپ ۽ وڏي ذميواري سان قوم جي جذبن، احساسن کي سمجهندي ۽ اڳيان رکي ڪري ”عدم تشدد“ جي واٽ کي چونڊي سنڌ ۽ قوم لاءِ  جدوجهد ڪئي ۽ زندگيءَ جي آخري ساھ تائين عدم تشدد جي واٽ کي ڪين ڇڏيو ھو. موجودہ دورو ۾ سائين جي ايم سيد جي تعليمات کي عام ڪري سنڌ جي مالڪي ۽ وارثي ڪرڻي پوندي تڏھن ئي سنڌ بچائي سگهنداسين. ڇو جو سنڌ جنهن صورتحال مان گذري رھي آھي اھو وقت انتهائي سنگين ھلي رھيو آھي.

ھڪ طرف سنڌ جون زمينون ڌارين کي ڀڳڙن جي مٺ تي حوالي ڪيون پيون وڃن ته ٻئي پاسي ڌارين جي لوڌن کي سنڌ ۾ تيزيءَ سان آباد ڪيو پيو وڃي جيڪو عمل ھن وقت تائين رڪجي ناھي سگهيو. سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ سميت ڌرتيءَ ڌڻين جي لاءِ  نوڪرين تي مڪمل پابندي آھي نه صرف ايترو پر سنڌ جي ڪارخانن ۾ پڻ سنڌين سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي ۽ نوڪريون نه ٿيون ڏنيون وڃن ۽ جيڪي سنڌي انهن ڪارخانن ۾ ڪم ڪري رھيا آھن ته انهن کي سنڌيت جي نالي تي ڪنهن نه ڪنهن بهاني نيڪالي ڏني ٿي وڃي انهيءَ سموري عمل کي روڪڻ لاءِ  ھاڻي پنهنجن ماڻهن ۽ ادارن جي مالڪي ۽ وارثي ڪرڻي پوندي اھو تڏھن ئي ممڪن ٿي سگهندو جڏھن سنڌ جا نوجوان سموري سنڌ اندر ڳوٺ ڳوٺ واھڻ وستي شهر شهر وڃي سنڌ جي خطرن بابت خطبا ڏئي سنڌ واسين کي آگاھي ڏيڻ سان گڏوگڏ ھر ھڪ شيءَ تي ليڪچر، قومي ڪچهريون، وطن خاطر شهادت ماڻيندڙ قومي ڪارڪنن جا ڏھاڙا ملهائي سيد جي فڪر جي مطابق انهن جي ڏھاڙن تي گڏ ٿيندڙ ماڻهن کي سموريون سازشن کان واقف ڪندا تڏھن ئي اسان سنڌ کي بچائي سگهون ٿا نه ته ڏينهون ڏينهن اھا صورتحال انتهائي نه صرف ڏکي ٿي ويندي پر ان سموري صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ به ناممڪن بڻجي ويندو.

سائين جي ايم سيد سنڌ سان اھڙو عشق ڪيو جو ھن سڄي زندگي سنڌ ۽ سنڌين لاءِ  جدوجهد ڪري زندگيءَ جي آخري پساهن تائين سياسي قيديءَ جي حيثيت ۾ شهادت ماڻي. سائين جي ايم سيد جي جدوجهد جو مرڪز ھن ملڪ اندر رهي ڪري قومن جي وجود کي مڃرائي ۽ قومن جا حق حاصل ڪرڻ هو. سنڌ جي موجود صورتحال ۾ سيد جي ڏنگن ٻارن کي سنجيدگيءَ سان سوچڻو ۽ لوچڻو پوندو ۽ سيد جي فڪر جي پرچار ۽ ھٿ ۾ ڪهاڙيءَ واري ڳاڙھي جهنڊي کي مضبوطيءَ سان پڪڙي سنڌ وطن لاءِ  ڏينهن رات ھڪ ڪري لازوال جدوجهد ڪري نه صرف ڌرتي بچائڻي پوندي پر سيد جي فڪري اولاد قومي ڪارڪنن جي به مالڪي ۽ وارثي ڪري انهن کي سهيڙي گڏ کڻي ھلڻو پوندو ڇو جو چوندا آھن ”ٻه ته ٻارھن“ انهيءَ ڪري ھيءَ وقت اڪيلي رھڻ جو ناھي ۽ نه ئي ھڪ ھڪ ٿي ڪري جدوجهد ڪرڻ جو آھي.

گذريل سالن ۾ عالمي وبا ڪورونا وائرس جي ڪري سيد جي ورسي ڏھاڙو يا جنم ڏھاڙو سادگيءَ سان ملهايو ويو ھو ھن دفعي سيد جي ورسيءَ ڏھاڙي تي سندس جي مزار تي گل نڇاور ڪري ساڻس وچن ورجائي سنڌ خاطر لازوال جدوجهد لاءِ  نه صرف قومي ڪارڪنن وچن ڪن پر ڌرتيءَ جو ھڪ انچ به ڌاريي سامراج کي قبضي ڪرڻ لاءِ  ڪين ڇڏين پوءِ ڀلي ڇو نه 6 جون بحريا ٽائون خلاف لڳندڙ پرامن ڌرڻي کي پرتشدد جو رنگ ڏئي قومي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف آپريشن ڪري انهن کي ٽارچر ڪري جيلن جي سيخن جي پويان بند ڪيو ويو ھجي انهيءَ سخت مشڪلاتن بعد به اڄ سن جي سيد جي مزار اڳيان اھو عهد ڪرڻو پوندو ته پر بحريا ٽائون نامنظور، سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ نامنظور، ڌرتيءَ تي ڌارين جي لوڌ نامنظور، سنڌ خلاف ھر ٿيندڙ معاھدو جيڪو ٺڳيءَ ۽ ڍونگ تي ٻڌل ھجي اھو نامنظور، ھر اھا اسڪيم جيڪا سنڌ جي ترقيءَ جي نالي ۾ سنڌ ۽ سنڌين لاءِ  نقصانڪار آھي اھا نامنظور چئي، سيد جي عدم تشدد واري راھ جدوجهد تي ھلي سنڌ ۽ سنڌين جي مالڪيءَ ۽ وارثيءَ جو پڪو پھ ڪري پوءِ ئي سن جي نگري مان سيد جا ڏنگا ٻار پنهنجن پنهنجن ماڳن ڏانهن واپس ورندا ۽ جدوجهد جو مرڪز سنڌ کي بڻائيندا.

 

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.