سنڌ سرڪار کي ٻين باھ متاثرين جي به مدد ڪرڻ گهرجي

امداد سومراھ

سنڌ ۾ باھ جي واقعن تي اڃا به ڪنٽرول ناهي ٿي سگهيو. مختلف ضلعن ۾ باھ تي ضابطو آڻڻ لاءِ  فائر برگيڊ جون گاڏيون ته موجود آهن پر انهن کي هلائڻ جا ڪي به انتظام ناهن. صوبي ۾ فائر  برگيڊ گاڏين جا انتظام مڪمل نه هجڻ سبب وڏا واقعا جنم وٺن ٿا. 17 اپريل تي دادو ضلعي جي فريد آباد ڀر سان ڳوٺ فيض محمد داني چانڊيو ۾ ھنياءُ ڏاريندڙ باھ جو واقعو پش آيو جنهن ۾ 9 ٻارڙا سڙي فوت ٿي ويا ۽ 160 کان وڌيڪ ڊور به اجل جو شڪار ٿي ويا هئا. فريد آباد سانحي جي بروقت ريسڪيو عملو نه پهچڻ توڙي ضلعي انتظاميا جي لاپرواهي سبب وڏو جاني نقصان ٿيو. اهڙي واقعي بابت دادو ضلعي جي ڊي سي اهو بيان ڏنو ته ريسڪيو ٽيمون فريدآباد پهچڻ لاءِ  6 ڪلاڪ لڳن ٿا اهڙي غلط بياني تي عوام توڙي ساڃاھ وند به حيران ٿي ويا ته ضلعي جو عملدار غلط بياني ڪري پنهنجي نااهلي لڪائي رهيو آهي.

فريد آباد سانحي تي سنڌ سرڪار توڙي وفاق افسوس جو اظهار ڪرڻ سان گڏ متاثرين سان ڀرپور نموني سهڪار ڪيو. پر افسوس متاثرين جي سهڪار لاءِ  آيل راشن توڙي ٻيو سامان رات جي اندهيري ۾ حد جي ڪجھه پوليس اهلڪارن  کي موٽر سائيڪلن توڙي پوليس موبائل تي کڻندي ڏٺو ويو. اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اچڻ کانپوءِ   ضلعي انتظاميا به جاڳي پئي ۽ متاثرين جو سامان کڻي ويندڙ 7 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو. فريد آباد سانحي جي جاچ ۾ پوليس اها به رپورٽ ڏني ته گند ڪچري ۾ چڻگ لڳڻ سبب واقعو پيش آيو. پر باھ ڪئين لڳي مختلف قياس آرايون گردش ۾ آهن. پر سنڌ سرڪار ان سانحي جي شفاف جاچ ڪري رهي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ هڪ هفتي اندر ان واقعي جي لاپرواهي ۾ دادو ضلعي جي ڊي سي .ڊي ايڇ او سميت اي سي کي هٽائي ڇڏيو. ۽ دادو ضلعي ۾ سيد مرتضي شاھ کي نئون ڊي سي مقرر ڪري فريد آباد سانحي جي متاثرين جي ڀرپور نموني بحالي جي هدايت ڪئي.

سنڌ ۾ هن وقت به باھ جا واقعا هلندڙ آهن. فريد آباد سانحي سميت مختلف ضلعن قمبر. هنگورجا. محرابپور ۾ به باھ جا واقعا پيش آيا. جتي باھ متاثرين جي سنڌ سرڪار هن مهل تائين ڪا به سار نه لڌي آهي. 20 اپريل تي ضلعي نوشهروفيروز جي تعلقي محرابپور ۾ طوفان سبب ڳوٺ پيرقائم علي شاھ ۾ رات جو 11 هزار وولٽيج جون تارون گل حسن راڄپر (نانگور) جي گهر مٿان ڪرڻ سبب گهر کي باھ لڳي وئي ۽ گهر ڀر سان چوپائي مال جي واڙي کي به باھ وڪوڙي وئي. محرابپور تعلقي ۾ فائر برگيڊ نه هجڻ سبب ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت گل حسن جي گهر لڳل کي باھ تي ضابطو آندو. جڏهن ته چوپائي مال جي واڙي کي لڳل باھ تي ڪنٽرل ڪرڻ لاءِ  گل حسن نانگور جو 24 سالن جو پٽ علي حسن باھ وسائيندي سڙي فوت ٿي ويو ۽ 4 معمولي سڙي زخمي ٿي پيا.

پير قائم علي شاھ ۾ باھ جي واقعي تي ڪنهن به چونڊيل نمائندي توڙي ضلعي جو ڊي سي يا اي سي فريد آباد سانحي وانگر واقعي واري هنڌ نه پهتا. پير قائم علي شاھ منهنجي ڳوٺ سهراب خان سومراھ ڀرسان ڪجھ مفاصلي تي آهي. اهڙي واقعي تي مونکي افسوس ٿيو ته جاني نقصان ٿيڻ باوجود متاثر گل حسن جي خاندان جي ڪنهن به چونڊيل نمائندي توڙي سرڪاري عملدار ڪا به سار نه لڌي. اهڙي واقعي کي 12 ڪلاڪن کانپوءِ آئون پاڻ توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ کي اهڙو اطلاع ڏنو جنهن پڻ افسوس جو اظهار ڪندي فوري طور تي سيپڪو سکر جي انسپيڪٽر کان رپورٽ طلب ڪئي. سيپڪو انجنيئر نوشهروفيروز رات جو 9 بجي واقعي واري هنڌ پهچي ڪريل 11 هزار بجلي جي تارن جو جائزو ورتو ۽ پوري ڳوٺ جون 11 هزار تارون تبديل ڪيون ويون. 11 هزار وولٽيج جون تارون ڪرڻ سيپڪو جي نااهلي آهي ڇاڪاڻ ته اڄ به سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ بجلي جا ٿنبا ڪمزو هجڻ توڙي 11 هزار بجلي جون تارون هيٺ لڙڪنديون رهنديون آهن ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ ٿنڀن کان بغير لڪڙن تي تارون لڳل آهن. ڪمزور ٿنبن توڙي لڪڙن ۾ تارون لٽڪيل هجڻ سبب طوفان ۾ ڪري پون ٿا جنهن ڪري وڏا نقصان ٿين ٿا.

محرابپور ڀر سان ڳوٺ پير قائم شاھ ۾ باھ ۾ سڙي فوت ٿي ويل 24 سالن جو نوجوان علي حسن پنهنجي ماءُ پيءُ جو اڪيلو پٽ هو. علي حسن يونيورسٽي ۾ پڙهندو هو ۽ پارٽ ٽائيم اسڪولي ٻارڙڻ کي ٽيوشن ڏئي پنهنجي گهر جو گذر سفر ڪندو هو. فوتي نوجوان هڪ مهينو اڳ شادي ڪئي هئي. هن وقت فوتي نوجوان جو ماءُ پيءُ ۽ بيواه جي مدد نه ٿيڻ سبب بي يارو مدد گار بنيل آهن. سنڌ سرڪار وٽ قدرتي آفتن لاءِ  بجيٽ هوندي آهي. سنڌ جي وڏي زير سيد مراد علي شاھ کي گهرجي ته فريدآباد سانحي توڙي ڪراچي جي ڪو آپريٽو ۽ وڪٽوريا شاپنگ مارڪيٽ ۾ لڳل باھ متاثرين جي جهڙي طرح  مالي مدد ڪئي اهڙي طرح هن طرف به ڌيان ڏئي باھ ۾ سڙي فوت ٿي ويل نوجوان شاگرد علي حسن نانگور جي بيواھ ۽ سندس والدين جي مالي مدد ڪئي وڃي. ان سان گڏوگڏ هنگورجا قمبر توڙي ٻين علائقن ۾ باھ متاثرين جي پرگهور لڌي وڃي. سنڌ ۾ خاص ڪري گرمين جي موسم ۾ باھ جا اڪثر واقعا وڌي ويندا آهن. ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته سنڌ سرڪار کي گهرجي ته سنڌ جي هر ضلعي۽ تعللقي ۾ باھ تي ضابطي آڻڻ لاءِ  فائر برگيڊ گاڏين کي فنڪشنل ڪري باھ جي واقعن تي ڪنٽرول ڪرائي جاني ۽ مالي نقصان ٿيڻ کان بچايو وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.