فارين فنڊنگ ۽ نئين صدر وارو اشو

حبيب ٽالاڻي

عمران خان جي حڪومت جي خاتمي بعد ڪجهه ڏينهن اڳ شهباز شريف جي صدارت هيٺ وري قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن بعد وري اها ئي ڳالهه ڪئي وئي ته بابا ڪا به سازش ثابت ناهي ٿي ۽ وري اهم ڳالهه اها ته عمران خان جي صدارت ۾ٿيل اجلاس جي فيصلن جي به توثيق ڪئي وئي مطلب ته ان اجلاس ۾ جيڪي فيصلا ڪيا ويا يا جيڪي ڳالهيون ظاهرٿيون هن اجلاس۾ به اهوڪجهه ظاهر ٿيو جيڪو ڪجهه اڳ هو.شهبازشريف جي سربراهي ۾ ٿيل قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس بعد جڏهن اجلاس ۾ ٿيل ڳالهيون سامهون آيون ته انهن ڳالهين کي وٺي عمران خان ۽ سندس ٽيم ملڪ ۾ هڪ نئين واويلا شروع ڪري ڇڏي آهي ته اسان جي وقت ۾ ٿيل اجلاس ۾ جيڪي ڳالهيون ڪيون ويون هيون انهن کي درست مڃيو ويو آهي اها ڳالهه بلڪل درست آهي پر اهو نه وساريو وڃي ته عمران خان جي صدارت ۾ٿيل قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس بابت فوج صاف لفظن ۾ ٻڌائي ڇڏيو آهي ته بابا ان اجلاس ۾ آمريڪي سازش جا ڪي به ثبوت نه مليا آهن ۽ وري شهباز شريف جي صدارت ۾ وڌيڪ ڪجهه تفصيل ظاهر ڪرڻ بدران صرف اهو چيو ويو ته اجلاس ۾ آمريڪي سازش جا ڪي به ثبوت ناهن مليا ۽ ان سان گڏ عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس جي فيصلن جي توثيق پڻ ڪئي وئي.

هاڻي اتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته سلامتي ڪميٽي جي اڳ واري اجلاس جي فيصلن جي توثيق ڇو ڪئي وئي آهي؟ ان حوالي سان اصل ڳالهه سمجهڻ جي ضرورت آهي ته اڳ واري اجلاس جي فيصلن بابت آئي ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس اسان جي اڳيان آهي جنهن ۾ آئي ايس پي آر صاف صاف لفظن ۾ چيو هو ته اجلاس ۾ ڪا به سازش ظاهر ناهي ٿي. هاڻي جيڪڏهن هن اجلاس ۾ اڳ واري اجلاس جي فيصلن جي توثيق ڪئي وئي آهي ته پوءِ ان سان گڏ اهو به سمجهيو وڃي ته آئي ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس جي به توثيق ڪئي وئي آهي ظاهر آهي هاڻوڪي اجلاس ۾ به اهي شيون سامهون رکيون ويون هونديون جيڪي شيون عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ رکيون ويون هونديون جيڪڏهن هاڻي ان اجلاس جي فيصلن جي توثيق نه ڪئي وئي هجي ها ته پوءِ اهو سوال پيدا ٿئي ها ته ڇا  آئي ايس پي آر جي ان اجلاس بابت ڪيل پريس ڪانفرنس  حقيقتن جي ابتڙ هئي؟ هاڻي ظاهر آهي ته فوج ائين ٿيڻ نه ڏئي ها ۽ اهو صحيح به نه هو ان ڪري اڳ واري اجلاس جي فيصلن جي توثيق ڪئي وئي ان ڪري ته ان اجلاس بابت آئي ايس پي آرجي پريس ڪانفرنس ۾ جيڪي حقيقتون بيان ڪيون ويون اهي صحيح آهن جيڪڏهن شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ نيون ڳالهيون ظاهر ڪيون وڃن ها ته پوءِ اهو ئي عمران خان ميڊيا تي اچي آئي ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس تي سوال اٿاري ها ۽ ٻئي ڳالهه اها ته خود آرمي به نه ٿي چاهي ته ان کي سياست ۾ ملوث ڪيو وڃي ان ڪري عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس جي توثيق ڪئي وئي ان صورتحال بعد عمران خان آمريڪي سازش بابت سپريم ڪورٽ کان جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.

هاڻي خان ڀائي کي چوي ڪير ته بابا جن ڪورٽن جي فيصلن تي نه اوهان عمل ڪيو پيا نه اوهان جو صدر عارف علوي عمل ڪري پيو نه اوهان جوگورنر پنجاب عمل پيوڪري جنهن ڪورٽن جي فيصلن جا اوهان سري عام جلسن ۾ مذاق اڏائي رهيا آهيو انهن ڪورٽن جي معزز ججن جي انڪوائري جيڪڏهن اوهانجي الزامن جي ابتڙ اچي ته ڇا اوهان انهن فيصلن کي مڃيندو؟ڪڏهن به نه عمران خان ڪورٽ جي صرف اهڙن فيصلن کي مڃيندو جيڪي سندس حق ۾ هوندا باقي ڪل پيران دا خير واري صورتحال هوندي. خير هي ته هو آمريڪي سازش وارو اشو پر هوڏانهن پنجاب ۾ اڃان تائين سياسي صورتحال غير يقيني واري ڪيفيت ۾ آهي پي ٽي آئي  قيادت ڪنهن به ريت پنجاب ۾ وڏ وزارت تي حمزه شهبازشريف کي قبولڻ لاءِ تيار ناهين اهو ئي سبب آهي جوگورنر پنجاب ڪيترائي ڏينهن گذري وڃڻ باوجود حمزه شهباز کي حلف کڻائڻ کان پري ڀڄي پيو توڙي جو اها گورنر جي آئيني ذميواري آهي ته هو چونڊيل وزيراعليٰ کي حلف کڻائي پر پي ٽي آئي قيادت هنن کي آئيني فرض ادا ڪرڻ کان روڪي رهي آهي هاڻي پي ٽي آئي وارا ٻڌائيندا ته صدر عارف علوي کان پوءِ گورنر پنجاب پاران پنهنجون آئي ذميواريون نه نڀائڻ يا انهن کي سندس پارٽي قيادت پاران آئيني ذميواريون ادا ڪرڻ کان روڪڻ ڇا آئين جمهوريت ۽ جمهوري قدرن جي خلاف ناهين؟

هونئن ته آمريڪي سازش واري اشوءَ تي عمران خان جڊيشل ڪميشن جو مطالبو ڪري ٿو پرجڏهن لاهور هاءِ ڪورٽ صدر پاڪستان عارف علوي کي حڪم ڪري ٿو ته پنجاب جي نئين چونڊيل وزيراعلي کان حلف ورتو وڃي ته صدر پاڪستان جهڙي عهدي تي ويٺل شخص عدالتي فيصلي کي به نه ٿو مڃي نه گورنر پنجاب کي حڪم ٿو ڪري ته چونڊيل وڏي وزير کان حلف ورتو وڃي ۽ نه وري ٻئي ڪنهن کي حلف کڻائڻ جي اجازت ڏئي ٿو عدالتي حڪم بعد ته ڇنڇر ڏهاڙي چيئرمين سينئيٽ پنجاب جي نئين وزيراعلي کي حلف کڻائڻ لاءِ وڃي رهيو هو پر ٻڌائن ٿا، بابراعواڻ ۽ فواد چودري جي اچانڪ ايوان صدر ۾ انٽري ٿئي ٿي ۽ پنجاب جي چونڊيل وزيراعلي جي حلف برداري واري تقريب رهجي وڃي ٿي هاڻي جڏهن پي ٽي آئي جو عارف علوي جيڪو ملڪ جو صدر آهي عدالتي فيصلن تي عمل ئي نه ٿو ڪري ته پوءِ ڀلا عمران خان ڪيئن ٿو مبينا آمريڪي سازش واري مامري جي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪري؟

خير سومر ڏهاڙي لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي نئين وزيراعلي جي حلف برداري متعلق ڪو نه ڪو سخت آرڊر ضرور جاري ڪندو ان ڪري ته انهن همراهن ڪورٽن جي فيصلن کي به مذاق بڻائي ڇڏيو آهي. هن سڄي ملڪي سياست ۾ جتي عمران خان اقتدار وڃائڻ بعد سخت پريشان نظر اچي پيواتي وري اليڪشن ڪميشن ۾ هلندڙ فارين فنڊنگ ڪيس عمران خان لاءِ وڌيڪ پريشانيون پيدا ڪري ڇڏيون آهن ان ڪري ته وڏي عرصي کان پينڊنگ پيل ان مامري جي هاڻي عدالتي فيصلي بعد روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ٿي رهي آهي لڳي ٿو ته ان مامري ۾ پي ٽي آئي ڦاسي پوندي پي ٽي آئي خلاف سخت فيصلو به اچي سگهي ٿو جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته پوءِ پي ٽي آئي فارين فڊنگ ڪيس ۾ فڊنگ ٿيل رقم واپس ڪرڻ جي آڇ ڪڏهن به نه ڪري ها اهڙي آڇ ڪرڻ مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته دال ۾حد کان وڌيڪ ڪارو آهي ان فارين فنڊنگ واري مامري خلاف پي ٽي آئي وارن وڃي ڪورٽ جو در به کڙڪايو آهي جيئن اليڪشن ڪميشن جي ڪاروائي روڪرائي ڪنهن به ريت ان مامري کي سرد خاني حوالي ڪيو وڃي پر لڳي نه ٿو ته هي مامرو هاڻي سرد خاني حوالي ٿيندو ان جو ڪهڙو به فيصلو اچي پرانهن همراهن کي فيس ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي.

هوڏانهن عمران خان ملڪ ۾ جلسا ڪري ڪارڪن کي تيار رهڻ جو چئي رهيو آهي ته تيار رهو اسلام آباد طرف مارچ ڪرڻو آهي هاڻي عمران خان وٽ سياسي ۽ جمهوري سوچ آهي ڪٿي جو هو پيپلزپارٽي ۽ نوازليگ وانگي جمهوري اصولن اندر رهي حڪومت خلاف ملڪ گير تحريڪ هلائي هن همراهه جو ڪم ئي گوڙ گمسان پيدا ڪرڻ آهي جيئن اڳ ڪندو رهيو آهي ظاهر آهي هاڻي به هي همراهه ائين ئي ڪندو پي ٽي آئي اسلام آباد طرف مارچ ڪيو ته يقينن هو ڌرڻو هڻڻ لاءِ ايندي بلڪل ماضيءَ وانگي جيئن پي ٽي آئي وارا اسلام آباد پهچي ٽي چار مهينا ڌرڻو هڻي ويهي رهيا هئا هاڻي به هنن جي سوچ اها ئي هوندي ته اسلام آباد ۾ڌرڻو هڻي ڪنهن به ريت جلد کان جلد ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرائجن لازمي ناهي ته ماضيءَ جيئان هاڻي به ائين ئي ٿئي   ۽ هي همراهه وري اچي اسلام آباد ۾روڊ رستا  بلاڪ ڪري ويهي رهن هاڻي حالتون ان جي بلڪل ابتڙ آهن ڏسجي ته عمران خان ڪڏهن ٿو اسلام آباد طرف مارچ جو اعلان ڪري پر جيڪڏهن فارين فنڊنگ ڪيس ۾ التوا وجهڻ ۾ هي همراهه ناڪام ويا ته پوءِ ستت ئي پي ٽي آئي طرفان اسلام آباد طرف مارچ جو اعلان ڪيو ويندو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر رياست مدينه جو نعرو هڻندڙ روڊن تي نچندي نظرايندا.

هوڏانهن بلاول ڀٽو لنڊن ۾ وڃي ن ليگ سربراهه سان ملاقات ڪئي آهي جنهن بابت ملڪ ۾ ٻه رايا آهن هڪ اهو ته پ پ ۽ ن ليگ ۾ اختلاف ٿي پيا آهن ۽ ٻي ڳالهه اها ته پ پ آصف علي زرداري کي ملڪ جو نئون صدر بڻائڻ چاهي ٿي. منهنجي خيال ۾ اختلافن واري ڳالهه افواهه آهي اصل ۾ پيپلزپارٽيءَ جي اها ڪوشش آهي ته عارف علوي کي هٽائڻ بعد آصف علي زرداري کي ملڪ جو نئون صدر بڻايو وڃي. جڏهن شهباز شريف سان پ پ قيادت اهڙي خواهش ظاهر ڪئي ته  شهبازشريف پاران ان مامري تي نوازشريف سان ڳالهائڻ جو چيو ويو انڪري پي ڊي ايم سربراهه مولانافضل الرحمٰن به صدر جو اميدوار آهي جنهن بعد ئي بلاول ڀٽو پ پ وفد ساڻ ڪري وڃي نوازشريف جو مهمان بڻيو هاڻي ڏسجي ته آصف علي زرداري ملڪ جو نئون صدر ٿئي ٿو يا نه پرپ پ اڳواڻ خوابن جو شهزادو منظور وساڻ هڪ خواب بابت ٻڌايو آهي ته پيپلزپارٽي جو ڪو چيئرمين آصف علي زرداري کي مان خواب ۾ ايوان صدر ۾ ڏٺو آهي جنهن مان پيپلزپارٽيءَ جي خواهش ظاهر ٿئي پئي هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ن ليگ سربراهه ان مامري کي ڪيئن ٿو هينڊل ڪري باقي اختلافن واري خبر بي بنياد آهي بلاول کان پوءِ مولانا فضل الرحمن به وڃي لندن پهتو آهي ٿي سگهي ٿوته ڪا وڏي اڳڀرائي ٿي وڃي ۽ مولانا راضي ٿي وڃي آصف زرداري لاءِ رستو صاف ٿئي ٿورو انتظار جي ضرورت آهي باقي جيڪڏهن ن ليگ ۽ پيپلزپارٽيءَ وچ ۾ ڪي اختلاف ٿيا به ته پيپلزپارٽي ڪڏهن به موجوده اسيمبليءَ ۾ شهباز سرڪار خلاف نه ويندي ان ڪري ته هي حڪومت وجود ۾ آندي به  آصف علي زرداري آهي ان ڪري پ پ ڪنهن به صورت ۾ هن حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ واري آپشن طرف نه ويندي باقي اختلاف رکڻ جمهوريت جو حصو آهي خير ڏسجي ته ڇا پيو ٿئي پر جيڪڏهن آصف علي زرداري صدر ٿيڻ چاهي ٿو ته پوءِ مولانا جو نالو هٽرائڻ هن جي لاءِ مشڪل نه هوندو زرداري موجوده سياست جو ڪنگ ميڪر آهي هو نه ٿيڻ وارين حالتن کي ٿيڻ ۽ وري ٿيڻ وارين حالتن کي نه ٿيڻ طرف کڻي وڃڻ جي سياسي بصيرت رکي ٿو

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.