2015ع وانگر هن سال به پاڻي جي سخت کوٽ آهي: سنڌ آبادگار اتحاد

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ آبادگار اتحاد جي صدر نواب زبير ٽالپر، پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته 2015ع جيان هن سال به ملڪ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، جڏهن ته دريائن ۾ پاڻي جي آمد تمام گهٽ آهي، پر جيڪو به پاڻي موجود آهي ان جو 60 سيڪڙو غير منصفانه طور ورهايو پيو وڃي، ڪٿي سئو سيڪڙو زمينون آباد ٿي رهيون آهن ۽ ڪٿي وري پيئڻ جي لاءِ به پاڻي ناهي، جانور پيئڻ جي پاڻي لاءِ ترسي رهيا آهن، پاڻي جي کوٽ سبب هن وقت صورتحال انتهائي پريشان ڪندڙ آهي، سنڌ ۾ پاڻي جي طلب 55000 ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته ارسا پاران 46000 ڪيوسڪ پاڻي رليز ڪيو ويو آهي. جنهن مان گڊو بئراج کي 33000 ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي جيڪو 60 سيڪڙو بڻجي ٿو، هن وقت چشما ڊائون اسٽريم کان گڊو اپ اسٽريم تائين 10 کان 12 هزار ڪيوسڪ پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي ۽ سنڌ حڪومت هن وقت مجرمانه خاموشي اختيار ڪري رهي آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته روهڙي ڪئنال نوابشاهه ڊويزن کي سڀ کان وڌيڪ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي ۽ ٽيل ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي. قابل درياهه ۽ سنڌو درياهه ۾ پاڻي آمد رفت ڪجهه بهتر ٿي آهي، جنهن جو اثر اڃا تائين گڊو بئراج تي نظر نه آيو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڻي جا انگ اکر درست نه پيا ٻڌايا وڃن، پنجند مان سنڌ جي لاءِ پاڻي رليز ڪرڻ ظاهر ڪيو پيو وڃي، پر آفيسرن موجب سنڌ کي پنجند مان پاڻي فراهم نه پيو ڪيو وڃي، اهو ان ڪري ڪيو پيو وڃي ته جيئن سنڌ کي پنهنجي حصي جو پورو پاڻي نه ملي سگهي، پهرين مئي کان پنجاب جا ڪينال، گڊو بئراج، بلوچستان لاءِ پي ايف فيڊر ۽ سکر بئراج جي رائيٽ بينڪ کي پاڻي فراهم ڪرڻ آهي، جنهن بعد صورتحال انتهائي سنگين ٿي ويندي، ڪوٽڙي بئراج، ڦليلي ڪئنال ايريا ۾ موجود پاڻي پيئڻ جي لاءِ انتهائي گندو ۽ صحت جي لاءِ هاڃيڪار ٿي چڪو آهي، ڦليلي ڪمانڊ ايريا ۾ پاڻي جي کوٽ سبب پيئڻ جي پاڻي جو بحران سنگين بڻيل آهي. سنڌ آبادگار اتحاد جي صدر نواب زبير ٽالپر وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان مطالبو ڪيو ته اسان کي موجوده پاڻي بابت درست انگ اکر ٻڌايا وڃن ۽ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ڪئي وڃي. ارسا سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏئي، آبپاشي کاتو آبادگار تنظيمن سان مشاورت ڪري انهن کي اعتماد ۾ وٺي ۽ روٽيشن پلان ترتيب ڏنو وڃي. ارسا کي گهرجي ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي فراهم ڪري، نه ته وونڻن جي پوکي نه ٿيڻ ڪري پاڪستان کي ڪپهه جي مد ۾ هڪ هزار ارب روپين جو نقصان ٿي سگهي ٿو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.