ڪراچي مان اغوا ٿيل دعا زهره بازياب نه ٿي

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي جي علائقي شاهه فيصل ٽائون مان اغوا ٿيل 14 سالن جي دعا زهره جي باحفاظت بازيابي لاءِ مديني پاڪ ۾ مسجد نبوي صلعم  ۾ خاص دعا جو اهتمام ڪيو ويو، فجر جي نمازکانپوءِ ٿيندڙ ان گڏيل دعا ۾ وڏي انگ ۾ نمازي شريڪ هئا، جن دعا زهره جي خيرعافيت سان گڏ پنهنجي والدين وٽ واپسي لاءِ خاص دعا  ڪئي،واضح رهي ته 14 سالن جي دعا زهره گذريل 9 ڏينهن کان لاپتا آهي، جڏهن ته والدين جو چوڻ آهي ته هن جي ڌيءُ گهر جو ڪچرو اڇلائڻ لاءِ ٻاهر نڪتي، ان کانپوءِ لاپتا آهي هوڏانهن پوليس پوري ڪوشش باوجود دعا زهره جو پتو لڳائڻ ۾ ناڪام آهي، ان حوالي سان سماجي تنظيم جي ڊي سي جي سربراهه ظفر عباس جو چوڻ آهي ته نينگري جي والدين جي حالت انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي، هڪ هڪ گهڙي گذارڻ انهن لاءِ محال آهي، جڏهن ته ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته دعا زهره جي بازيابي لاءِ هر زاويي کان جاچ ڪري رهيا آهيون، ڪو مسنگ لنڪ آهي ته هو به ڳولي سگهون،هن چيو ته پوليس ان معاملي ۾ ڪليوليس ناهي، دعا زهره جي بازيابي لاءِ هر ڪوشش ۽ سمورا جديد ذريعا استعمال ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته اهڙي حساس معاملي کي وڌيڪ اٿارڻ سان جاچ تي اثر پوندو، دعا زهره جي بازيابي لاءِ پوليس هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.