پاڪستان تحريڪ انصاف جو اليڪشن ڪميشن آفيسن آڏو ملڪ گير احتجاج جو اعلان

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف 26 اپريل تي سڄي ملڪ ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيسن ٻاهران احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو،عمران خان جي صدارت ۾ پي ٽي آءِ جي سياسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي  معاملن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي فواد چوڌري چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جانبداري ۽ بدديانتي جي انتها ڪري ڇڏي آهي، منصوبي تحت اڃا تائين منحرف ميمبرن جي اسيمبلي سيٽ ختم ڪرڻ جي ڊڪلريشن نه پئي ڪئي وڃي، هن اعلان ڪيو ته پي ٽي آءِ 26 اپريل تي سڄي ملڪ ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيسن آڏو اليڪشن ڪمشنر جي روئي خلاف احتجاج ڪندي، سمورين ضلعي تنظيمن کي ان سلسلي ۾ هدايتون جاري ڪيون پيون وڃن، هن چيو ته ڪنهن ۾ جرئت ناهي ته پي ٽي آءِ تي پابندي هنئي وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.