آءِ ايم ايف پروگرام ۾ واڌ، پيٽرول، ڊيزل ۽ بجلي مهانگي ٿيڻ جا امڪان

واشنگٽن (م ڊ) عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) پاڪستان جي لاءِ قرض پروگرام کي هڪ سال واڌئڻ تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي. پاڪستان کي آءِ ايم ايف ٻه ارب ڊالر واڌو ڏيندو، جنهن بعد قرض پروگرام 8 ارب  ڊالر ٿي ويندو. پاڪستان آءِ ايم ايف سان ٽيڪنيڪي سطح تي ڳالهيون ايندڙ هفتي کان شروع ڪندو. ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جي سربراهي ۾ پاڪستاني وفد جون آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ٿيون، ملاقات ۾ عائشه غوث پاشا، گورنر اسٽيٽ بئنڪ رضا باقر ۽ ٻيا شامل هئا.  ذريعن موجب آءِ ايم ايف جو مطالبو آهي ته پاڪستان پنهنجي هاڻوڪي ڏنل سبسڊي جلد کان جلد واپس وٺي ۽ ڊسمبر ۾ طئي ڪيل ٽارگيٽ ۾ تبديلي جي انگن اکرن جو جائز ورتو وڃي، آءِ ايم ايف چاهي ٿو ته پاڪستان ڊسمبر ۾ طئي ٿيل ٽارگيٽ ۾ گھٽ جي گھٽ ڀڃڪڙي ڪري، ان سان گڏ آءِ ايم ايف بجيٽ لاءِ گڏيل حڪمت عملي تي اتفاق چاهي ٿو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جو واڌ ٿيل پروگرام سيپٽمبر ۾ ختم ٿي رهيو آهي، آءِ ايم ايف اسٽاف سطح تي ڳالهيون مڪمل ڪرڻ لاءِ مئي جي وچ ۾ مشن پاڪستان موڪليندو، پاڪستان آءِ ايم ايف کي واڌ ٿيل پروگرام هڪ سال وڌائڻ جي درخواست ڪئي آهي ۽ آءِ ايم ايف پروگرام کي هڪ سال جي لاءِ وڌائڻ تي رضامند ٿي ويو آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ اتفاق ٿيو آهي ته اڳوڻي حڪومت جي تيل ۽ بجلي تي سبسڊي واپس ورتي ويندي، مئي ۾ مشن اچڻ کان اڳ تيل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي ويندي، ستين ريويو تي اتفاق ٿيڻ کانپوءِ آءِ ايم ايف بورڊ کي موڪليو ويندو، جنهن کانپوءِ آءِ ايم ايف بورڊ پاڪستان کي ايندڙ قسط جي منظوري ڏيندو. ياد رهي ته پاڪستان سان آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جي سالياني ميٽنگ واشنگٽن ۾ ٿي آهي، جنهن ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. آءِ ايم ايف وفد مئي ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو، پاڪستاني وفد عالمي بئنڪ جي عهديدارن سان به ملاقات ڪئي ۽ فني مدد تي عالمي بئنڪ جو ٿورو مڃيو. هم نيوز موجب آءِ ايم ايف غريب طبقي لاءِ سبسڊي جاري رکڻ ۽ انڪم سپورٽ پروگرام جاري رکڻ تي ڪو اعتراض نه ڪيو، صحت ڪارڊ تي به رضامندي ڏيکاري. مفتاح اسماعيل عالمي بئنڪ جي عهديدارن سان به ملاقات ڪئي ۽ فني مدد تي سندن ٿورا مڃيا. هوڏانهن جاري ڪيل پڌرنامي موجب وفد ستون جائزو مڪمل ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ناڻي وزارت جي پڌرائي موجب عالمي منڊي ۾ تيل اگهن ۾ واڌ کان غريب طبقي جي قدمن تي روشني وڌي. پاڪستان کي آءِ ايم ايف ٻه ارب ڊالر واڌو ڏيندو، جنهن بعد قرض پروگرام 8 ارب ڊالر ٿي ويندو، آءِ ايم ايف پروگرام ۾ 9 کان 12 مهينن تائين واڌ جو امڪان آهي. هوڏانهن واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون هاڪاري رهيون. هن چيو ته ٽيڪس ريٽ وڌائڻ جو ڪو ارادو ناهي. اسٽيٽ بئنڪ کي خومختياري ڏني وئي آهي. مشڪل فيصلا ڪرڻا پوندا، هن چيو ته عمران خان حڪومت جيڪا ڪميٽمنٽ ڪئي آهي، ان تي پورو لهنداسين. ناڻي واري وزير چيو ته اسان جو ٽارگيٽ آءِ ايم ايف پروگرام برقرار رکڻ ۽ ايندڙ سال وڌيڪ وڌائڻ آهي. هن چيو ته ڊيفالٽ جو ڪو خطرو ناهي، غربت جي خاتمي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا وڌايا ويا آهن. هن چيو ته سبسڊي تي نظرثاني ڪرڻي پوندي. سبسڊي گهڻو ڪري اميرن کي ملي پئي. مان پنهنجي گاڏي ۾ پيٽرول وجهرايان ٿو ته 1600 رپين جي سبسڊي حڪومت پاڪستان ڀري پئي. سوال ڪيو ويو ته ڇا گاڏين وارن کي سبسڊي ڏيڻ گهرجي، جنهن تي مفتاح اسماعيل چيو ته حڪومت هي بار وڌيڪ برداشت نه ڪري سگهندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.