عمران جي ڌمڪين سبب هن سال اليڪشن نه ٿي سگهندي: حامد مير

اسلام آباد(م ڊ) تجزئي نگار ۽ سينئر صحافي حامد مير چيو آهي ته ن ليگ اندر گهڻا اهڙا سينئر ماڻهو آهن جيڪي چاهين ٿا ته اليڪشن جلد ٿي وڃي ۽ کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿي وڃي، اهي ماڻهو سمجهن ٿا ته اليڪشن ۾ عمران خان کي رڪ جا چڻا چٻرايا وڃن، مولانا فضل الرحمان به چاهي ٿو ته اليڪشن ٿي وڃي پر عمران خان جي ڌمڪي واري روئي ۽ هن جي ويجهن ساٿين جي بيانن سبب هن سال اليڪشن نه ٿي سگهندي، فواد چوڌري ۽ شهباز گل عمران خان کي ادارن سان ٽڪراءُ ڌڪيو آهي، هن چيو ته تحريڪ انصاف وٽ ڪي پي اسيمبلي ٽوڙڻ جو ڪارڊ آهي، جيڪڏهن ان جا ايم پي ايز پنجاب مان به استعيفيٰ ڏين ٿا ته ملڪ ۾ بحران ته پيدا ٿيندو پر ان تي پي ٽي آءِ اندر ان معاملي تي اختلاف آهن، اليڪشن ڪميشن جا به گهڻا مسئلا آهن ان ڪري هن سال چونڊون نظر نه پيون اچن، عمران خان جيڪا پارٽي شروع ڪئي آهي اها ختم ٿيندي ته پوءِ ئي اليڪشن ٿيندي، هن چيو ته عمران خان کي لڳي رهيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ۾ فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو اچڻ وارو آهي، اهو پارٽي تي پابندي جوسبب به بڻجي سگهي ٿو، ان ڪري انهن اليڪشن ڪميشن آڏو مظاهرن جو اعلان ڪيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.