وزيراعظم جو پي ڪي ايل آءِ جو دورو، بريفنگ تي ڪاوڙ

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ڪڊني ۽ ليور انسٽيٽيوٽ (پي ڪي ايل آئي) جو دورو ڪيو. ڪالهه آچر ڏينهن  وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف پي ڪي ايل آئي ۾ اسپيشل ٽريٽمينٽ يونٽ جو دورو ڪيو ۽ وزيراعظم کي اسپيشل ٽريٽمينٽ يونٽ ۾ مريضن کي دستياب جديد علاج جي سهولتن بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ان موقعي تي پي ڪي ايل  آئي جي عملدارن کي خصوصي هدايت ڪئي ته اهي مريضن کي سموريون دستياب سهولتون موثر طريقي سان پهچائين، هن چيو ته اسپتال ۾ 20 آپريشن يونٽ هئا، 14 ڇو بند پيل آهن؟ غريب مريض علاج لاءِ ڪيئن 40 لک رپيا ڏئي سگهي ٿو، هن چيو ته مون کي نيب جي عقوبت خانن ۾ رکيو ويو، مون هن اسپتال جا ڪروڙين رپيا بچايا، هتي سهولتن جي کوٽ ڇو آهي” مريضن کان پئسا ڇو پيا ورتا وڃن، هن چيو ته مون هڪ سرندي واري شخصيت ذريعي هن  اسپتال لاءِ مشينري گهرائي، غريبن جو علاج ڪرائڻ حڪومت جي ذميواري آهي، وزيراعظم چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته مون کي ٻن ڏينهن ۾ ان تي مڪمل بريفنگ ڏني وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.