هن مهيني پاڪستان ۾ گرمي پد 50 ڊگري تائين پهچي ويندو: ماهر

ڪراچي(م ڊ) پاڪستان ۾ هن وقت گرمي جي سخت لهر آهي، جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾  گرمي پد جي حوالي سان عالمي ماحولياتي ماهر ڇرڪائيندڙ ڳالهه ڪري ڇڏي آهي.اسڪاٽ لينڊ سان واسطو رکندڙ ماحولياتي ماهر اسڪاٽ ڊنڪن اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران پاڪستان ۽ ڀارت ۾ گرمي پد گهڻي حد تائين وڌندو.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ هلندڙ اپريل مهينو تاريخ جو سڀ کان گرم ترين اپريل هوندو، ملڪ جي مختلف شهرن ۾ گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته مخصوص علائقن ۾ پارو 50 ڊگري تائين به پهچي سگهي ٿو.اسڪاٽ ڊنڪن موجب مجموعي طور تي زمين جي گرمي پد ۾ واڌ ٿيندي پئي وڃي، جنهن سبب هيٽ ويوز ۾ به شدت اچي ويندي ۽ سال جو گهڻو حصو سخت گرمي ۾ گذارڻو پوندو.

  • اتحادي حڪومت بنادير معاشي سڌارن لاءِ حڪمت عملي جوڙي: حفيظ پاشا

اسلام آباد(م ڊ) ناڻي واري اڳوڻي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ پاشا چيو آهي ته نئين اتحادي حڪومت کي بنادير معاشي  سڌارن لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي، اسلام آباد ۾ ايس ڊي پي آءِ۽ ايف اي ايس جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ملڪ ۾ وسيع البنياد حڪومت جي موجودگي ۾ معاشي سڌارن ۽ ٽيڪسن جو نظام بهتر بڻائڻ جو نادر موقعو آهي، هن چيو ته پاڪستان جو جاري حسابن جو خسارو هلندڙ مالي سال جي پهرين 8 مهينن ۾ 12 ارب ڊالر تائين پهچي چڪو هو، جيڪو مالي سال جي پڄاڻي تي 18 کان 19 ارب ڊالر تائين پهچڻ جو خدشو آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ رڳو مارچ مهيني دوران 5.5 ارب ڊالر جي گهٽتائي ٿي آهي، جيڪا ملڪ جي معاشي حالت وڌيڪ خراب ٿيڻ برابر آهي، هن چيو ته حڪومت مراعات يافتا طبقي لاءِ سبسڊيون ختم ڪري ڪري، رڳو انتهائي ضرورتمند طبقي کي سڌو سنئون سبسڊي ڏني وڃي، اهڙي طرح بنيادي ضرورت واريون شيون جهڙوڪ گيهه، کنڊ، ڀاڄين، چانهه وغيره تي مڙهيل اڻ سڌا ٽيڪس واپس ورتا وڃن، ايس ڊي پي آءِ جي جوائنٽ ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عابد قيوم سلهري چيو ته ڪورونا وائرس کانپوءِ روس، يوڪرين جنگ هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا کي ڪساد بازاري۽ غذائي عدم تحفظ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي، تنهن ڪري قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ غيرحقيقي واعدا ڪرڻ بدران حڪومت سماجي تحفظ جي نظام کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري، ايس ڊي پي آءِ جي جوائنٽ ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر وقار احمد زور ڏنو ته اسان کي بجلي ۽ گئس جي شعبن ۾ وڌندڙ گردشي قرضن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، نالي واري معاشي ماهر اشفاق توله چيو ته حڪومت کي هن وقت ٽيڪسن جونظام متوازن بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ اڻ منصفاڻن ٽيڪسن کي ختم ڪرڻ گهرجي، سينئر معيشتدان ڊاڪٽر عاليه هاشمي چيو ته قيمتن ۽ مهانگائي جي مسئلي کي مقامي بدران عالمي تناظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي، اهو پهلو پيش نظر رکڻ گهرجي ته اسٽيٽ بئنڪ جي نئين قانون کانپوءِ اسن کي سرمائي جي ٻاهرين ذريعن تي ڀاڙڻو پوندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.