عمران اسلام آباد جو رخ ڪيو ته مان سندس آجيان ڪندس: راڻا ثناءُ الله

فيصل آباد(م ڊ) گهرو معاملن واري وفاقي وزير رانا ثناء الله چيو آهي، ته آمريڪا ۾  پاڪستان جي سفير اسد مجيد قومي سلامتي ڪميٽي ۾ سڀني آڏو اعتراف ڪيو ته خط ۾ سازش يا عدم اعتماد جو ڪو به ذڪر ناهي، پنهنجي سياسي موت کان بچڻ لاءِ خط جي لفظن کي ان وقت جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پنهنجي نگراني ۾ تبديل ڪرايو. گذريل ڏينهن تڪ اين اي 106 فيصل آباد ۾ ڪارڪنن جي ميڙ کي خطاب ڪندي هن چيو ته جلسي ڪرڻ وارن جو وقت اچڻ تي علاج ٿيندو ۽ عمران خان اسلام اباد جو رخ ڪيو ته هو سندس استقبال ڪندو.هن چيو ته اهي ماڻهو پنهنجي چئن سالن واري حڪومتي دور ۾ مخالفن کي چور ۽ ڌاڙيل چوندا رهيا، انهن جي ڪردار ڪشي ڪندي بي بنياد پروپئگنڊه ڪندا رهيا پر هڪ به الزام ثابت نه ڪري سگهيا. هن چيو ته الله جي فضل سان نااهل ۽ نالائق ٽولي مان عوام جي جان ڇٽي چڪي آهي. هاڻي انتقامي سياست بدران عوام کي ڀرپور رليف فراهم ڪيو ويندو، هن چيو ته گذريل دور ۾ نالائق حڪمرانن ملڪ کي بربادي جي دروازي تي بيهاري ڇڏيو جن جي ڪا به اقتصادي يا معاشي پاليسي نه هئي، شيون مهانگيون ٿينديون رهيون ڪو به پڇڻ وارو نه رهيو. صبح هڪڙا ته شام جو ٻيا اگهه هئا پر ملڪ ۾ خاص ڪري جڏهن پنجاب ۾ گورننس جي نالي تي ڪا به شي نه هئي.

  • لياري ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب 4 ڄڻا زخمي

ڪراچي(رپورٽر) لياري جي علائقي ۾ شهيد  بينظير ڀٽو يونيورسٽي ڀرسان ڪشتي چوڪ تي هڪ دڪان ۾ گيس جو سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ چار ڄڻا 16 ورهين جو فيضان، 22 ورهين جو رضوان، 32 ورهين جو نعمان ۽ 25 ورهين جو صلاح الدين سڙي زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال ڪراچي جي برنس وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه ڌماڪي جو نوٽيس وٺندي، واقعي تي انتهائي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي، ڪمشنر ڪراچي کان ڌماڪي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وڏي وزير سول اسپتال ۽ لياري اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. هن هدايت ڪئي ته زخمين کي بهترين سهوليتون فراهم ڪيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.