اسان ڪنهن جنرل جا جوتا نٿا کڻي سگهون: جمشيد دستي

لاهور(م ڊ) سوشل ميڊيا تي جمشيد دستي جو هيش ٽيگ ٽاپ ٽرينڊ، ٽوئيٽر تي جمشيد دستي جي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾  هن چيو ته اسان ڪنهن جنرل جا جوتا نٿا کڻي سگهو، ڪنهن جنرل ۽ عدالت کان نٿو ڊڄان، هن چيو ته اسان عوام جي خدمت ڪري رهيا آهيون، غريب مزدورن جي ٻارن لاءِ خيرات گهري رهيا آهيون، جتي عورتن کي ذبح ڪيو ويندو هو،جاگيردارن جي ديرن تي غريبن تي ڪتا ڇڏيا ويندا هئا اتي مون جدوجهد ڪئي، محنت ڪئي، لاش کنيا، هاڻي اسان کان ماڻهو پڇن ٿا ته توهان جي جي ايڇ ڪيو سان دوستي آهي ڇا؟هن چيو ته اسان ته غريب ماڻهو آهيون، غريبن جا ئي جوتا کڻي سگهون ٿا، جنرلن جا جوتا وڏا ماڻهو ئي کڻي سگهن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.