عمران ، صدر ۽ گورنر پنجاب تي غداري جو ڪيس هلڻ گهرجي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد( م ڊ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سڄي پي ٽي آءِ بيمار ٿي وڃي ته به حمزا حلف کڻندو. عمران خان،  صدر ۽ گورنر پنجاب تي غداري ڪيس هلڻ گهرجي. ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته عدالتن جي حڪمن جون ڌڄيون اڏائي عمران چوي ٿو ته رات جو عدالتون ڇو کليون. هن عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته عمران! اوهان جو صدر آئين جي ڀڃڪڙي پيو ڪري ان ڪري رات جو عدالتون کليون. هن چيو ته عمران خان فسطائيت ۽ آئين ٽوڙڻ وارا عمل ڇڏي ڏئي، پارليامينٽ اغوا ڪندڙ نه بڻجي. هن چيو ته سڄي قوم عارف علوي جي آئيني ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.