ڄامشورو ۾ ساحل گھانگھرو جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاءِ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
ڄامشورو شھري ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين ربنواز ابڙو, ساگر جمن بڙدي, محمد بخش مري ۽ ساگر عالماڻي جي اڳواڻي ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ريلي ڪڍي ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي.
ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ميهڙ ۾ ساحل گھانگھرو کي انتهائي بيدرديءَ سان قتل ڪري سندس لاش ڦٽو ڪيو ويو، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي سا گهٽ آهي، پوليس قاتلن کي بچائڻ ۾ مصروف آهي. هنن چيو ته ساحل گھانگھرو کي اغوا ڪيو ويو، وارثن جي شڪايتن باوجود پوليس روايتي سستي برقرار رکندي کيس بچائڻ ۾ ناڪام رهي، جنهنڪري وارثن کي سندس لاش مليو، هنن جو چوڻ هيو ته قاتلن کي سخت سزا ڏئي سهولتڪارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.