”پاڪستان ۾ گرمي پد صفا وڌي ويندو“ عالمي ماهر ڇرڪائي ڇڏيو

 

پاڪستان ۾ هن وقت گرمي جي سخت لهر آهي، جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ گرمي پد جي حوالي سان عالمي ماحولياتي ماهر ڇرڪائيندڙ ڳالهه ڪري ڇڏي آهي.

اسڪاٽ لينڊ سان واسطو رکندڙ ماحولياتي ماهر اسڪاٽ ڊنڪن اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران پاڪستان ۽ ڀارت ۾ گرمي پد گهڻي حد تائين وڌندو.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ هلندڙ اپريل مهينو تاريخ جو سڀ کان گرم ترين اپريل هوندو، ملڪ جي مختلف شهرن ۾ گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته مخصوص علائقن ۾ پارو 50 ڊگري تائين به پهچي سگهي ٿو.

اسڪاٽ ڊنڪن موجب مجموعي طور تي زمين جي گرمي پد ۾ واڌ ٿيندي پئي وڃي، جنهن سبب هيٽ ويوز ۾ به شدت اچي ويندي ۽ سال جو گهڻو حصو سخت گرمي ۾ گذارڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.