عمران خان خلاف ڪا عورت ڳالهائي ته بدڪردار: عفت عمر جي اڳوڻي وزيراعظم تي تنقيد

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ۽ ميزبان عفت عمر اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڇتي تنقيد ڪئي آهي.

عفت عمر ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ فيبروري، مارچ ۽ اپريل واري عمران خان ۾ فرق واضح ڪندي چيو ته فيبروري، مارچ وارو عمران خان چوندو هو ته مان دعا گهري رهيو آهيان ته منهنجي خلاف بي اعتمادي رٿ آڻيو، مان ٽنهي جي وڪيٽ هڪ بال سان اڏائيندس.

اداڪارا چيو ته اپريل وارو عمران خان چئي رهيو آهي ته مون کي جنوري کان خبر هئي ته آمريڪا منهنجي خلاف سازش ڪري رهيو آهي ۽ هن ملڪ ۾ ماڻهو ان سان ملي ويا آهن.

هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ عفت عمر چيو ته عمران خان خلاف ڪا عورت ڳالهائي ته بدڪردار ۽ مرد ڳالهائي ته غدار چورائي ٿو، سندس خلاف ڪو صحافي ڳالهائي ته لفافو، ادارو ڳالهائي ته ڪرپٽ.

هن چيو عمران خان جي چوري پڪڙجي ته اندروني سازش ۽ ڪرسي کسجي ته پرڏيهي سازش.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.