ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي ڪراچي مان گم ٿيل ناري دعا زهريٰ لاءِ دعا ڪئي آهي.
شاهنواز ڏاهاڻي دعا زهريٰ جي حفاظت سان واپسي لاءِ ٽوئيٽر تي خاص پيغام جاري ڪيو.
Still waiting for news that Dua zehra is back with family. I pray that she rejoins her parents and siblings as early as possible. #DuaZehra pic.twitter.com/hnGkbqQqoi
— Shahnawaz Dahani (@ShahnawazDahani) April 23, 2022
هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هيل تائين ان خبر جو انتظار آهي ته دعا زهريٰ فيملي وٽ واپس اچي وئي آهي.
قومي ڪرڪيٽر چيو ته منهنجي دعا آهي ته هو جلد کان جلد پنهنجي والدين ۽ ڀينرن ڀائرن سان ٻيهر ملي وڃي.
ياد رهي ته ڪراچي مان اغوا ڄاڻايل 14 ورهين جي نينگري دعا زهرا پنجن ڏينهن کان آزاد نه ٿي سگهي آهي.