اهڙو شهر، جتي مسلمانن کي دفنائڻ لاءِ جاءِ ختم ٿي وئي

 

برلن (ويب ڊيسڪ) جرمني جي راڄڌاني برلن کي مسلم ڪميونٽي جو گھر سڏيو وڃي ٿو، جتي وڏي انگ ۾ مسلمان آباد آهن پر هاڻي برلن ۾ مسلمانن کي دفنائڻ لاءِ جاءِ ختم ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

عرب ميڊيا رپورٽن موجب جنازا گاهه مرڪز جي انتظامي اهلڪار ايسيڪلي ڪارايل جو چوڻ آهي ته برلن ۾ قبرن جي گھر وڌندي پئي وڃي، جنهن ڪري مسلمانن کي دفنائڻ لاءِ قبر ملڻ به ڏکيو ٿي چڪو آهي.

ايسيڪلي ڪارايل موجب برلن ۾ اڍائي کان 3 لک مسلمان رهن ٿا پر شهر جا مسلمان خاندان مرڻ کانپوءِ پنهنجي پيارن کي واپس اماڻڻ جي چونڊ ڪن ٿا، جڏهن ته اڌ خاندان تدفين لاءِ جرمني جي چونڊ ڪن ٿا.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2008 کان برلن ۾ قبر جي لاءِ جاءِ ڳولڻ هڪ مسئلو بڻجندو پيو وڃي پر گذريل ڪجهه مهينن دوران ان مسئلي ۾ شدت آئي آهي ۽ هي سلسلو ايترو وڌي ويو آهي جو قبر جي لاءِ ڪا جاءِ  باقي ناهي رهي ۽ هاڻي ته برلن ۾ مسلمانن کي دفنائڻ ناممڪن ٿي چڪو آهي.

ٻئي پاسي راڄڌاني انتظاميا به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته برلن ۾ مسلمانن لاءِ 6 قبرستان مختص هئا، جن ۾ هاڻ دفنائڻ لاءِ جاءِ ناهي رهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.