پي ٽي آءِ جو سڄي ملڪ ۾ اليڪشن ڪميشن آفيسن ٻاهران احتجاج جو اعلان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف 26 اپريل تي سڄي ملڪ ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيسن ٻاهران احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو.

عمران خان جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف جي سياسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي معاملن جا جائزو ورتو ويو.

اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ڌر ۽ بدديانتي جي انتها ڪري ڇڏي آهي، اڃا تائين ڦري ويل ميمبرن جي اسيمبلي سيٽ ختم ڪرڻ جي ڊڪليئريشن نه ٿي ڪئي وڃي.

هن اعلان ڪيو ته تحريڪ انصاف 26 اپريل اڱاري جي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيسن ٻاهران اليڪشن  ڪمشنر جي رويي خلاف احتجاج ڪندي.

سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جي سمورين ضلعي تنظيمن کي ان سلسلي ۾ هدايت جاري ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.