سينيئر بيورو ڪريٽ احد چيما ملازمت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيئر بيورو ڪريٽ 20هين گريڊ جي پي اي ايس آفيسر احد چيما ملازمت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

ذريعن موجب وزيراعظم سيڪريٽريٽ احد چيما کي استعيفيٰ واپس وٺڻ لاءِ راضي ناهي ڪري سگھي، جڏهن ته وزيراعظم اڃا تائين احد چيما جي استعيفيٰ منظور ناهي ڪئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته احد چيما کي ڪيترن ئي ڪيسن ۾گرفتار ڪيو ويو پر ڪجهه ثابت ناهي ٿي سگھيو، احد چيما جي خاندان جي عورتن کي به هراسان ڪيو ويو.

ذريعن موجب احمد چيما مسلم ليگ ن جي گذريل دور ۾ ميٽرو بس ۽ اورنج ٽرين منصوبن جو روح روان رهيو ۽ پنجاب ۾ خانگي بجلي گھر لڳائڻ جي منصوبن ۾ به احد چيما جو ڪردار رهيو.

ياد رهي ته نيب 21 فيبروري 2018 تي ڪارروائي ڪندي احد چيما کي گرفتار ڪيو هو، ان خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا، آشيانا اقبال هائوسنگ سوسائٽي ۽ ايل ڊي اي سٽي ڪيس جي جاچ ڪئي وئي پر ڪو ثبوت نه ملڻ کانپوءِ هو گذريل سال اپريل ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ مان ضمانت ملڻ کانپوءِ آزاد ٿي ويو.

احد چيما جي گرفتاري بعد اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ان کي معطل ڪري ڇڏيو، ان بعد اسٽيبلشمينٽ ڊويزن هن کي انڪوائري ۾ لڳايل الزامن کان آجو ڪري گريڊ 20 ۾ ترقي ڏني هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.