وزيراعظم سان گڏ فضل الرحمان ۽ مريم نواز به سعودي عرب ويندا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف 27 اپريل تي سعودي عرب جي دوري تي روانو ٿيندو، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز به ان سان گڏ هوندي.

ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان ۽ مريم نواز عمرو به ادا ڪندا.

ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف 27 اپريل تي سعودي عرب ويندو.

حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم دوري دوران عمرو ڪندو ۽ سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان ملاقات به ڪندو.

واضح رهي ته وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ هي شهباز شريف جو پهريون پرڏيهي دورو هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.