شيري رحمان، عمران خان خلاف سازش جو اعتراف ڪري ورتو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت پاڪستان کي آءِ ايم ايف جي سخت شرطن ۾ ڦاسائي ڇڏيو.

هڪ بيان ۾ شيري رحمان چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ سخت اقتصادي بحران آهي، ادائيگين ۾ عدم توازن ۽ ناڻي جي پهچ جا مسئلا آهن، پاڪستان 23 ڀيرا آءِ ايم ايف وڃي چڪو آهي، موجوده آءِ ايم ايف پروگرام جا سخت شرط آهن، انهن پاڪستان کي آءِ ايم ايف پروگرام ۾ ڦاسائي ڇڏيو.

هن چيو ته عمران خان پاڻ کي مظلوم بڻائڻ لاءِ ڪوڙ جي بنياد تي مهم هلائي رهيو آهي، هن پنهنجي شڪست قبول ڪرڻ بدران انا جو مسئلو بڻائي ڇڏيو آهي.

پرڏيهي سازش جي معاملي تي شيري رحمان چيو ته عمران خان خلاف ڪا سازش ناهي ٿي، جيڪا سازش ٿي، اها اپوزيشن ڪئمپ ۽ بلاول هائوس ۾ ٿي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته صدر کي طئي ڪرڻو پوندو ته هو پنهنجي عهدي کي تڪراري بڻائيندو يا استعيفيٰ ڏيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.