روس سان وڌيڪ مستحڪم لاڳاپا چاهيون ٿا: شهباز شريف جو پيوٽن کي جوابي خط

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان روس سان ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.

ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف روسي صدر ولاديمير پيوٽن کي جوابي خط لکيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابي خط ۾ وزيراعظم شهباز شريف صدر پيوٽن جا دل سان ٿورا مڃيا.

خط ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان روس سان ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.

خط جي متن موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان افغانستان جي معاملي تي روس سان گڏ هلڻ چاهي ٿو.

واضح رهي ته روسي صدر گذريل هفتي شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊجڻ تي خط لکي مبارڪ ڏني هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.