مھا ساگر، ازلي دردن جو داستان ۽ تازي واقعي تي ھڪ نظر

خدا بخش بروھي 

جتي سمنڊ اندر ڪيترين انساني المين جنم ورتو آھي، اتي ھي سمنڊ دنيا جي واپارين، ماھيگيرن جي لاءِ سٺو گذرگاھ به رھيو  آھي ۽ ٻئي پاسي  انساني   خوراڪ جو به  ھڪ نادر ذريعو به رھيو آھي  جنھن مان ھر روز جي بنياد تي لکين ٽن مڇي ملي ٿي ۽ ھڪ بر اعظم کان ٻئي بر اعظم تائين ماڻھن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ ۽ واپار جو به ذريعو آھي ، مھا ساگر ھڪ اھڙو پاڻي جو اڻکٽندڙ زخيرو آھي جنھن تي دنيا جي اندر پيدا ٿيندڙ آبي کوٽ جو اڃا تائين ڪو خاص اثر نه پيو آھي بلڪه موسمي تبديلين جي ڪري ھن سمنڊ جو پاڻي اڃا وڌيو آھي جتي برھم پترا، انڊس ڊيلٽا، نائيل، اوميزون ۽ ڪانگو ڊيلٽا  ۾ پاڻي جي کوٽ ٿيندي رھي آھي  اتي ھن مھا ساگر جي آبي سطح وري بجاءِ گھٽجڻ جي ھر وقت  وڌي آھي، پر ھتي انساني المين کي جيڪڏهن اسين ڏسون ٿا ته انھن ۾ به ڪافي حياتيون ضايع ٿيون آھن پر ھن جديد دور ۾ جيڪا گھٽتائي اچڻ گھرجي ھا سا ڪونه آئي آھي ان ڪري ھي سمنڊ ڪافي خطرناڪ به آھي ھن ٽائٽنڪ جھاز سميت ڪيترن آگبوٽن ۽ ھوڙن جا  ڪيئي وڻجھارا ٻوڙيا آھن، لطيف سرڪار ان منظر کي ڏسي ٻيڙي ھلائيندڙ ناکوئن کي ھن طرح تنبيھه ڪئي آھي.

 بندر جيان بھي سکاڻان م سمھو، 

ڪپر ٿو ڪن ڪري جيئن ماٽيءَ منجھه مھي، 

ايڏو سور سھي ننڊ نه ڪجي ناکئا

اڄ اھي سکاڻن وارا جھاز ۽ آگبوٽ ورلي رھيا آھن پر ھن جديد دور جا گرين انجڻڻ وارا جھازن به وڻجھارا ماري وڏا ڪيئس ڪيا آھن

لطيف سرڪار کي جڏھن ڪڇ ڀوج ڏانھن وڃڻو ھوندو ھو ته پاڻ پنھنجن مريدن وٽ سمنڊ ڪناري ڪجھ ڏينھن رھي پوندا ھيا  پاڻ مشاھدي جا شاعرشاعر ھيا ۽   منظر تي  شاعري ڪندا رھندا ھيا ، لطيف سائين ونجھارن ۽ ونجھارين  جي ھر ڏک سک پيڙائن ۽ ھتي ٿيندڙ واقعن، ريتن، رسمن،  روايتن کي  سر سامونڊي ۾ چٽيءَ طرح  بيان ڪيو آھي،  ھن وڻجارين جي مڙسن  کان  وڇڙڻڻ ۽ انتظار ڪرڻ تي ڏاڍي سٺي شاعري ڪئي آھي  جنھن ۾ وڏو درد سمايل آھي ، اھڙي ھڪ وڻجاري جي تڪليف متعلق لطيف سائين جو  ٻيو بيت ھن طرح آھي، 

اڄ پڻ وڻجارا وايون ڪن وڃڻ جون

ھلڻ ھارا سپرين روئان تان نه رھن

آءُ جھليندي ڪيترو آيل سانمونڊين، 

پڳھ ڇوڙي تن وڌا ٻيڙا ٻار ۾

جتي ڀٽائي صاحب انھن جي تڪليفن کي بيان ڪيو آھي،  اتي جي رسمن کي به ۽ ناکئائن،  ملاحن کي خبردار ڪيو اٿس ته سمنڊ ۾ وڃو ته ھر طرح جي ھوشياري ڪريو پر  اسان جو اڄوڪو ناکئو، وڻجارو اھو مڇي مارڻ وارو ملاح ڪڏھن مڇي جي لالچ ۾ وڃي پاڙيسري ملڪي حدن مان گرفتار ٿي جيل ڀوڳي ٿو  پويان خاندان لاءِ مسئلا پيدا ٿو ڪري يا موسمي تبديلي جو متبادل رستو نٿو استعمال ڪري جيڪو لطيف سرڪار جي نصيحت جي نفي ڪري ٿو  ۽ ان تي عمل نٿو ڪري نه وري حڪومت طرفان ان انساني المين کي گھٽائڻ خاطر ماھيگيرن کي لائف سيوننگ جيڪيٽ پائڻ جو باقاعده پابند ڪيو وڃي ٿو،  مڃون ٿا انتظاميه جي رٽ ايڏي وڏي مھا ساگر ۾ مڪمل قائم ڪرڻ ڏکيو ڪم آھي پر ٻئي پاسي وڏن  مڇيرن وڏن  واپارين تي به فرض آھي عملي کي پابند ڪن  جن جون ٻه کان ٽي ڪروڙن جي ھڪ ھڪ لانچ ۽ ھوڙو  ھوندو آھي جنھن ۾ ويھن کان ٽيھن تائين عملو ھوندو آھي ۽  انھن کي سمنڊ اندر ھفتي کان مھينو به گذري ويندو آھي ۽ اھي مڇيرا پنھنجي شڪار کي لڳا پيا ھوندا آھن پر مولڪڻ مھل  اھو واپاري لانچ مالڪ، مڇي کي ٿڌو رکڻ لاءِ برف، عملي جي کائڻ لاءِ  راشن، سگريٽ ۽ گھٽڪن، ماوا سٽي جا بنڊل انھن کي ڏيئي روانو ڪندو آھي پر، لائيف سيونگ جيڪيٽس ۽ ھڪ ٻه لائيف سيونگ بوٽ ميسر ناھي ڪندو، تنھنڪري ٿيندو اھو آھي اسان وارا ماھيگير رڳو گٽڪو وات ۾ وجھي باقي موسمي تبديلين کان غافل بي نياز مڇي جي شڪار ۾ لڳا پيا ھوندا آھن  جنھنڪري انھن جي  اھڙي غفلت ھيستائين ڪيترائي خاندانن جا فرد ڳھي وئي آھي، 

 سمنڊ جتي ڪروڙين ماھي گيرن جي روزگار جو ذريعو آھي اتي وڻج واپار جي ڪري پوري دنيا جي پراڊڪٽ کي ملڪن ۾ ڦھلائڻ جو به وڏو  ذريعو آھي، يونانين ٻيڙن جي ذريعي دنيا تائين پھچڻ شروع ڪيو اتي پورچوگيز لٽيرا به خليج فارس کان ويندي انڊيا تائين سمنڊ ذريعي سفر ڪري ڦرلٽ ڪندا ھيا  اتي وڏي خونريزي ڪري مال لٽينداھئا،   خليفي امير ماويه انھن جي ظلمن کي روڪڻ لاءِ پنھنجا ٻيڙا تيار ڪرايا ھيا جنھن ڪري اھي عربي ٻيڙائتا ھروقت انھن قذاڪن  کي ڀڄائي ڪڍندا ھيا پر جڏھن ترڪ بادشاه محمد فاتح  قستنطنيا کي فتح ڪري رومي امپائر ۾ ڏار وڌا ته ان فتح  سڄي يورپ کي پريشان ڪيو پوءِ  مختلف وقتن تي  مڪار قسم جي سياحن سمنڊ جا ٻيا نوان رستا ڳولڻ شروع ڪيا انھي لالچ ۾  ڪرسٽوفرڪولبس وڃي امريڪا ڳولي  لڌو واسڪو ڊيگاما اچي انڊيا جي بندرگاهه ڪالي ڪٽ تي قبضو ڪري ھتان جي ھر شئي لٽي يورپ کي اماڻڻ لڳو ، ھن ايندي ويندي ڪيترائي ٻيڙا لٽي ماڻھن کي سمنڊ ۾ ٻوڙڻ شروع ڪيو،  ٻئي پاسي ڪرسٽوفر جي نئين دريافت ڪرڻ کان پوءِ انگلينڊ ۽ يورپ جا ڪيترائي ملڪ پنھنجا ماڻھو آباد ڪرڻ لڳا انھن امريڪا جي اصل باشندن ريڊ انڊين کي ماري اتي قبضو ڪيو،يورپي ملڪن امريڪي قذاڪن لٽيرن سامونڊي ٻيڙن ذريعي افريڪا جي ڪارن ماڻھن کي اغوا ڪري سمنڊ ذريعي ٻين ملڪن ۾ وڪرو ڪري خوب ناڻو ڪمايو ،  بھرحال اھا ته ٿي ماضي پر ڪجھ سالن تي نظر وجھنداسين رڳو ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ ۽ گھوڙا ٻاري جي حدن ۾ ٻيڙيون ٻڏڻ سبب سو جي لڳ ڀگ ماڻھو مئا آھن ان ۾1895 کان وٺي 1999 تائين طوفانن جي تباھين کي ھڪ طرف رکي  ڪونه ٿا شامل ڪيون جنھن جي ٿيڻ کي  معاصلاتي ڄاڻ نه ملڻ چيو ويو آھي پر ھن جديد دور ۾ ايتري لاغرضي ڇا لاءِ آھي ان کي ختم ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي

تازو ڪيٽي بندر جي ويجھو حجامڙو ڍوري وٽ جيڪو واقعو پيش آيو ان ۾ ٽن ٻيڙن جي ٻڏڻ جا اطلاع مليا آھن ھڪ ٻيڙي ۾ اٺ ماڻھو ھئا انھن مان چار ٻڏي ويا چئن کي ميري ٽائم سڪيورٽي ايجنسي جي اھلڪارن بچائي ورتو، ٻئي ٻيڙيء ۾ 16 سوار ھئا جن مان 8 پاڻي جي حوالي باقي چار تري ھڪ ٻيت تي پھتا ته نيوي وارن کين ڪيٽي بندر پھچايو، ھڪ لانچ ۾ 22 سوار ھئا اھا  ٻڏڻ لڳي ته اتان لنگھندڙ  لڌي ڇولاڻي نالي ناکئي عملي جي مدد سان کين بچائي پنھنجي جي ھوڙي ۾ کڻي ريسڪيو ڪيو، ان ڪري لڌو ڇولاڻي به انعام جي مستحق آھي کيس انعام ملڻ گھرجي. ڪيٽي بندر واقعي کان پوءِ جتي ضلعي حڪومت ۽ نيول فورسز ۽ ميري ٽائيم سڪيورٽي ايجنسي پيش پيش ھئي اتي چونڊيل نمائندن به ڪيمپ لڳائي ڇڏي آھي ھر نڪرندڙ لاش کي ڪفن دفن ڪرائي مائٽن جي حوالي ڪرڻ کان سواء اتي گڏ ٿيل سندن عزيزن کي، رھائش،  کائڻ، پيئڻ سميت سڀ سھولتون ميسر ڪيون پيون وڃن ھن ليک ڪرڻ تائين  8 ماڻھن جا  لاش ملي چڪا ھئا ۽ چئن جي ڳولا جاري ھئي.

آءُ  لک دفعا شابس ڏيندس اتي جي مقامي ماڻھن کي جن به ھن ڪم ۾ بنا فرق جي ڀرپور حصو ورتو، مونکي مري ۽ ڪيٽي بندر جي ماڻھن ۾ وڏو فرق ڏسڻ ۾ آيو مري وارن برف ۾ ماڻھن کي  ڍڪجندي ڏسي ڪابه مدد نه ڪئي الٽو انھن لاءِ ھوٽلن جي ڪراين، کائڻ جي شين، گرم ڪپڙن جا ايڏا ملھ  مھانگا ڪيا جنھن جو نتيجو اھو نڪتو جو  22 کن  ماڻھو برف ۾ ڍڪجي آڪسيجن بند ٿيڻ ڪري  اجل جو شڪار ٿيا پر ڪيٽي بندر واري واقعي تي مقامي ماڻھن ۽ حد جي ايم پي اي طرفان وڏيون ڪوششون ورتيون ويون، جيتوڻيڪ ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري پاڻ عمري تي ويل ھو پر ھن جي غير موجودگيءَ ۾ سندس پٽ عاشق حسين زرداري سندس ٽيم ۾ شامل  عبدالحميد پنھور،  سميت اتي ڪيمپ لڳائي ويٺا ھئا ۽ ٻڏي ويلن جي وارثن کي ھر طرح جي سھولت ڏيئي ويٺا ھيا ، اسان جڏھن انھن وارثن سان ڳالھايو اھي.

ڪجهھ ڪراچي ڪجهھ بدين ضلعي جا ھئا، اھي   ٺٽي جي چونڊيل نمائندي جي ٽيم ۽ انتظاميه جي نيڪي ڪندا رھيا ھئا، ٻئي پاسي حاجي علي حسن زرداري جي فراخ دلي جو اھو عالم جو ھن اچڻ شرط ٰ سنڌ جي وڏي وزير کي ماڻھڻ جي وارثن لاءِ  معاوضي ڏيڻ جي سفارش ڪئي آھي  اھو ڪم ھن انساني ھمدردي تحت ڪيو آھي ڇوته ڄاڻايل ماڻھو، سندس تڪ جا نه ھيا،بھرحال مستقبل ۾ اھڙن واقعن کي  روڪڻ لاءِ ھاڻي ضرورت ھن ڳالهھ جي آھي ته حڪومت سان گڏ فشر مين ڪوآپريٽو  سوسائٽيز ۽ خود  ماھيگيرن کي به گھرجي ته اھي به عام مڇي مارڻ واري غريب مڇيرن ۽ انھن جي خاندانن لاءِ ماتم برپا ڪرڻ بجاءِ انھن کي سمنڊ ۾ اماڻڻ کان اڳ  بچاءُ وارا سڀ سامان ميسر ڪري پوءِ انھن کي گھري سمنڊ ۾  روانو ڪن   جيئن اھڙن واقعن ۾ حياتين جي ضيان  کي روڪي سگھجي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.