سنڌ جي حقيقي مسئلن تي اصل ڌرتيءَ ڌڻين جو احتجاج

سنڌ ۾ ڌارين جي آباديءَ سميت اهم مسئلن جي حل لاءِ قومپرست ڌريون سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج ڪري رهيون آهن.جنهن موجب سنڌ ۾  هڪ منظم سازش هيٺ ڌارين آباد ي کي وسائي اصل ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، قومپرست ڳواڻن جن ٻين اهم معاملن کي فهرست ۾ شامل ڪيو آهي  انهن ۾  پاڻيءَ جي کوٽ ۽  سنڌ جي زمين تي والار شامل آهن،

قومپرست اڳواڻن حيدرآباد ، سکر، ٽنڊي محمد خان،نوشهروفيرز،نئون ڪوٽ ،شهدادڪوٽ ،رتوديرو ،ٽنڊي آدم، ٺٽي .ڄامشوري،ميرپورماٿيلي ،ميرپور بٺوري  سميت ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ مٿي ذڪر ڪيل مسئلن جي حل لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا،جلوس ڪڍيا، جلسا ڪيا ۽ پريس ڪلبن ٻاهران علامتي بک هڙتال پڻ ڪئي.هنن احتجاج جو هڪ ٻيو طريقو به اختيار ڪندي وات ۽  اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج نوٽ ڪرايو،

اڳواڻن جو چوڻ هو ته  سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين تي والار جاري آهي، ڌارين جون لوڌون گهرائي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. هنن الزام هنيو ته ان عمل ۾ موجوده وفاقي سرڪار ۽ صوبي سنڌ جي حڪمران پارٽي پڻ شامل آهي،هنن اهو به چيو ته اهي ٻئي ڌريون  سنڌ کي ورهائڻ چاهين ٿيون، ان ڪري هڪ لساني دهشتگرد تنظيم کي ميدان تي لاٿو ويو آهي.

سکر پريس ڪلب ٻاهران به اهڙو رڪارڊ نوٽ ڪرايو ويو، ان دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي قومپرست اڳواڻن جو چوڻ هو ته  سپريم ڪورٽ ڪراچي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪيس ۾  ڏنل فيصلي مطابق 40 لک غير ملڪين کي نيڪالي ڏيڻ واري حڪم تي سرڪار مڪمل عمل ڪري. هنن اهو به چيو ته  اعلي عدالت سپريم ڪورٽ جي 2018 تي ڏنل فيصلي مطابق بحريا، ميگا ھائوسنگ اسڪيمن جي ذريعي ڪراچي ،ڄامشوري، ٺٽي جي زمينن تي  قبضي جو خاتمو ڪري سنڌ جي ٻيلن پاڻي، ٻيٽن ۽ تمر جي وڻن جي تباھيءَ کي روڪيو وڃي.

هنن جو چوڻ هو ته علامتي سطح تي پائيدار ترقيءَ واري تصور موجب هر ملڪ پنهنجن وسيلن مان ايترو خرچ ڪر ي ٿو جو ان سان لاڳاپيل علائقي ۾ قدرتي وسيلن ۽انساني گهرجن جو توازن برقرار رهي. پر هتي اهڙن جوڙيل  سمورن قانونن جي سر عام لتاڙ ڪئي وڃي ٿي.

قومپرسٽ اڳواڻن جو  جو وڌيڪ چوڻ هو ته اهڙي عمل سان ماحولياتي تباهي سموري خطي کي نقصان پهچائي رهي آهي،

احتجاج ڪندڙن اهو به مطالبو ڪيو ته  91 جي پاڻي ٺاھ تي مڪمل عمل ڪرايو وڃي،  پنجاب جا غير قانوني ڪئنال بند ڪرائي پاڻي چوري جو خاتمو ڪيو وڃي.هنن جو اهو به مطالبو هو ته  سنڌ ۾لڳل  صنعتن،،  تيل ۽ گئس جي فيلڊن، نيشنل ۽ ملٽي نيشنل ادارن توڙي سرڪاري ادارن ۾ ڌرتيءَ ڌڻين لاءِ روزگار  جو بندوبست ڪيو وڃي،

هنن سنڌ ۾ تباهه حال زراعت ڏانهن به ڌيان ڏياريندي چيو ته  ڊائريڪٽ آئوٽ ليٽ ختم ڪيا وڃن سڄي سنڌ  تائين پاڻي پھچائڻ جو فوري انتظام ڪيو وڃي،.هنن سنڌ ۾ جبري گمشدگين تي به ڳڻتي ظاهر ڪندي گرفتار ٿيلن کي قانون موجب عدالتن ۾ پيش ڪرڻ، انهن کي ملڪ جي آئين موجب لاڳو قانون  ۾ مليل حق ڏيندي قانون جي ڪٽهڙي ۾ پيش ڪيو وڃي.

سنڌ جي عام ماڻهن ۾ ڳچ عرصي کان مٿي ڄاڻايل مسئلن بابت تمام گهڻي ڳڻتي ڏٺي وڃي ٿي پر هن وقت تائين ڪنهن به حڪومت هنن اهم ماملن تي ڪڏهن به غور نه ڪيو آهي. جنهن ڪري هن ڌرتي جو اصل رهواسي ۽ سڀني کان وڌيڪ مسئلن جي بار هيٺ دٻيل ماڻهون اڃان به وڌيڪ دٻاءُ جو شڪار رهي ٿو، جنهنڪري ان ۾ اهو احساس پيدا ٿئي ٿو ته رياست توڙي هر دور جي حڪومت سندن حقيقي مامرن کي نظرانداز ڪندي رهي ٿي.

ڪيترا ئي مسئلا  آهن جيڪي آئيني ۽قانوني دائري ۾ حل ٿيل آهن پر جيئن ته انهن تي عمل نٿو ٿئي تنهنڪري پنهنجن حقن کان محروم رهندڙ ماڻهن ۾ اهو خيال ضرور جنم وٺي ٿو ته هتي جون اختياريون کين هن ملڪ جي معزز شهريءَ وارو سلوڪ نٿيون ڪن.

اهي اهڙا مامرا آهن جيڪي حقيقت ۾ زمين تي موجود آهن، جيڪڏهن ڳالهه ڪجي سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جي ته هڪ وقت کانوٺي صوبائي اختياريون اهڙيون شڪايتون وفاقي سرڪار وٽ پيش ڪري چڪيون آهن جن کي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ به ايترو ڏکيو نه آهي پر وفاق جي سلوڪ مان هميشه اهو محسوس ٿئي ٿو ته شايد سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ختم ڪرڻ جي لاءِ وفاق تيار ئي نه آهي، سنڌ ۾ زمين تي والار هڪ ٻيو انتهائي حساس معاملو آهي پر  ان تي ته عدالت جي فيصلن باوجود عمل نٿو ڪيو وڃي، جنهن طريقي سان اهي قانوني ۽ آئيني طور تي حاصل حقن نٿا ملن ته پوءِ عام ماڻهون  ڪيئن سوچي ؟

اهڙي ئي صورتحال وري ڌارين جي آبادي واري به آهي، اهو سڀني کان وڌيڪ حساس اشو آهي، جيڪو هڪ وڏي وقت کان وٺي ڪري موجود آهي، پر هاڻوڪي وفاقي سرڪار سميت ڪنهن به لاڳاپيل اختياري ان پاسي ڪو ڌيان نه ڏنو آهي،سنڌ جي وڏن شهرن  کانپوءِ هاڻي ننڍن شهرن ۾ پڻ مخصوص مفادن جي لاءِ خاص سوچ رکندڙن کي آباد ڪيو پيو وڃي، ڪراچي ۾ هن وقت به ٻين ملڪن مان آيل ماڻهن کي بنا ڪنهن تڪيلف جي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهي ملي ٿا وڃن، ان جي ڀيٽ ۾ هتي جي مقامي ماڻهون سان اهي ادارا اهڙو رويو اختيار ڪن ٿا جو هن ڌرتي جي حقيقي ۽اصل وارث ۾ محرومي جو احساس  جنم وٺي ٿو

اسان سمجهون ٿا هي انتهائي اهم ۽ حساس مسئلا آهن، جن کي حل ڪرڻ يا گهٽ ۾ گهٽ سمجهڻ جي لاءِ سنڌ جي ڌرين کي اعتماد ۾ وٺي ان جي لاءِ ڊائلاگ جو سلسلو شروع ڪيو وڃي، سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ هنن زندگيءَ ۽ موت جهڙن مامرن کي سمورين وڏين سياسي پارٽين پاران مڪمل طور نظر انداز ڪرڻ ۽ بااختيار ڌرين طرفان ڌيان نه ڌرڻ سنڌ جي سياست ۾ ڪنهن به ريت سٺو سونئڻ نه آهي.

اسان جي سمورين سياسي ڌرين کي گذارش آهي ته سنڌ جي هنن اهم مامرن ڏانهن گهربل ڌيان ڏنو وڃي، عام ماڻهن جي ڏکن ۽ ڏاکڙن جو تدارڪ ڪيو وڃي، ان سان ئي سياسي ماحول کي مثبت رخ ۾   اڳيان وڌائي سگهجي ٿو.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.