گهوٽڪي ۾ وڏي سياسي بيٺڪ سان سنڌ جا مسئلا حل ٿي سگهندا؟

سڪندر چنو

تازو خان ڳڙهه ۾ چيف سردار علي گوهر خان مهر وٽ وڏي سياسي بيٺڪ ٿي گذري آهي جنهن ۾ پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي آهي. بيٺڪ ۾ صدر  پاڪستان عارف علوي ۽ گورنر سنڌ عمران اسماعيل پڻ شرڪت ڪئي. چيف سردار علي گوهر خان مهر جيڪو سنڌ جي سياست جو هڪ مک سياسي پائو سمجهو ويندو آهي. اهو جنهن به پليٽ فارم تان الڪيشن وڙهندو آهي اهو ڪاميابين سان همڪنار ٿيندو آهي. ان جو تعلق پڻ جي ڊي اي سان آهي. ۽ سنڌ ۾ جيڪي به سياسي کلاڙي پنهنجن علائقن ۾ سياسي اثر رسوخ رکن ٿا اهي سڀ سردار علي گوهر خان مهر سان ئي سلهاڙيل آهن. انهن ۾ غوث بخش خان مهر جيڪو ايم اين اي آهي. عادل الطاف حسين انڙ، عدنان الطاف حسين انڙ، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، ڊاڪٽر صفدر عباسي، ايم پي اي معظم علي عباسي ان کان علاوه نوشهروفيروز جو جتوئي خاندان غلام مرتضيٰ خان جتوئي جن جو سنڌ جي سياست ۾ اهم پر ڪليدي ڪردار ائين رهيو آهي جيئن لاڙڪاڻي جي سياست ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مرحوم حاجي الطاف حسين خان انڙ جو ڪردار رهيو آهي.

اڄ به حاجي الطاف حسين خان انڙ جا پٽ عادل الطاف حسين انڙ ۽ عدنان الطاف حسين انڙ علائقي جي ماڻهن جي وڏڙن جيان خدمت جاري ۽ ساري رکيون پيا اچن ۽ هميشه ڏک سک ۾ ماڻهن سان ڏينهن رات گڏ آهن. ان کان علاوه شڪارپور جو جتوئي خاندان ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي ۽ مير عابد حسين جتوئي جنهن سان تازو ڪراچيءَ ۾ گورنر سنڌ عمران اسماعيل ملاقات ڪري جتوئي خاندان کي پي ٽي آءِ ۾ باضابطه طور شموليت جي دعوت ڏني آهي. ان کان علاوه وزير اعظم عمران خان ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم ۽ سردار علي گوهر خان مهر کي سنڌ ۾ سياسي حوالي سان اهم ذميواري ڏئي ڇڏي آهي. اسٽبلشمينٽ ملڪي سياست ۾ جيڪو به پتو اڇلايو آهي اهو اتان جي ماڻهن جي فائدي لاءِ اڇلايو آهي. ۽ ان ۾ ق ليگ جيان ڪاميابيون پڻ ماڻيون آهن. هن ڀيري به اسٽبلشمينٽ سنڌ جي عوام ۾ پ پ لاءِ وڌندڙ نفرتن کي نظر ۾ رکندي پ پ مخالف مضبوط متبادل سياسي پارٽي سامهون آڻي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ اڳ ئي حڪمران ڌر آهي. ۽ هر سياستدان چاهيندو آهي ته ان جي فون طاقتور هجي ۽ ان جي فون سان مسئلا حل ٿين يعني ٿاڻن جو صوبيدار ۽ مختيار ڪار سندن پاران ڪيل فون جي مثبت موٽ ڏين بلڪل ائين ٿيڻ وڃي رهيو آهي. سنڌ ۾ آءِ جي پوليس وفاق جو نمائندو ۽ آءِ جي پوليس جي زير دست هزارين ايس ايس پي ۽ لکين صوبيدار آهن. ان کان علاوه چيف سيڪريٽري وفاق جو نمائندو آهي ان جي هيٺيان پوري صوبي جا آفيسر زير دست آهن. پ پ پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهاڙو هڻي ڇڏيو آهي سنڌ جي ماڻهن کي فقير، گونگو ۽ ٻوڙو سمجهي ووٽ وٺڻ کان پوءِ ناڪارا ٽشو پيپر جيان اڇلي ڇڏيندي آهي ڪاش پ پ سنڌ جي ووٽر ۽ غريب عوام جو قدر ڪري. پيئڻ جو صاف پاڻي اڄ به سنڌ جي عوام جو خواب ئي آهي. روڊ رستا ۽ بهتر تعليم توڙي صحت جون سهولتون سنڌ جي عوام جي نصيبن نه آهن. بحرالحال سنڌ ۾ پي ٽي آءِ سان پ پ مخالف سياسي قوتن جي وڏي ڊيل ٿيڻ وڃي رهي آهي. وزير اعظم عمران خان نون شامل ٿيندڙن کي سندن علائقي لاءِ نوڪريون ۽ وڏا ترقياتي فنڊ ڏيڻ جو پيڪيج تيار ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن نوان شامل ٿيندڙ تڪ جي ماڻهن کي ڪجهه نه ڪجهه ڊليور ڪيو ته پوءِ سنڌ ۾ ماڻهن جي سوچ مان پ پ في الحال نڪري ويندي سنڌ جي ماڻهن کي روزگار گهرجي، جياپو گهرجي. شخصي نعرا هڻي هڻي ماڻهو ساڻا ٿي ويا آهن. پيٽ بکي تي آخرڪار ڪيترا نعرا لڳندا؟

 ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته شهيد بينظير ڀٽو انهن کي خواب ۾ آئي آهي ته ۽ چوي ٿي ته توهان کي جس آهي جو منهنجي نالي تي ووٽ ڏيو ٿا. ۽ شهيد راڻي چوي ٿي ته منهنجي نالي کي هاڻ مفادن خاطر استعمال ڪيو ويو آهي. پ پ جا ذريعا ٻڌائن ٿا ته اندر هڪ بغاوت واري چڻنگ جنم وٺي رهي آهي هڪ هڪ وزير کي ٽي ٽي وزارتون ۽ ٻين کي ڪياڙيءَ وارو هٿ. چيو ٿو وڃي ته جن کي وزارتون نه پيون ڏنيون وڃن انهن ۾ اهليت جو فقدان آهي اهو فقدان ڪهڙو آهي اهو سنڌ واسي ڄاڻن ٿا. بحرحال اسٽبلشمينٽ سنڌ ۾ هڪ اهڙو پتو کيڏڻ وڃي رهي آهي. جيئن مثال آهي ته نانگ کي جيڪڏهن نه ماريو ويو ته پوءِ هو ڏنگ هڻڻ ۾ دير نه ڪندو. سو ائين نه ٿئي سنڌ مان سياسي جٿو پي ٽي آءِ ۾ شموليت به ڪري ۽ انهن کي پوءِ ملي به ڪجهه نه.

ڇاڪاڻ ته اڳ به وزير اعظم عمران خان سکڻا اعلان ڪري سنڌ کي مڪمل طور نظر انداز ڪندو آيو آهي. ۽ سنڌ جو ماڻهو وزير اعظم عمران خان مان به مايوس آهي. ايترو ئي جيترو پ پ مان آهي. جي ڊي اي پنهنجي سياسي سگهه برقرار رکڻ ۾ پوري نه لٿي. سنڌ ۾ پ پ نه رڳو پنهنجن مخالفن کي ٽانڊا ڏنا آهن پر خود پنهنجن ئي جيالن کي به نه بخشيو آهي اهو ئي سبب آهي جو شهيد راڻيءَ جو پراڻو ڪارڪن، ساٿي ۽ جيالو تعلقي ڏوڪري پ پ جو صدر رهندڙ ۽ ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو چيئرمين رهندڙ خان محمد سانگرو به پنهنجن جو ستايل نيٺ مجبور ٿي پ پ سان چاليهن سالن جو رشتو ٽوڙي پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي. آصف زرداري پنهنجن هٿن سان سنڌ کي وڃائي ڇڏيو آهي هاڻي بلاول کي چوي ٿو ته جلد ڪريو وڃايل سنڌ پيرن سان ڳوليو. بحرحال سنڌ ۾ ق ليگ جيان هڪ مضبوط پي ٽي آءِ اڀرڻ وڃي رهي آهي ڪجهه به هجي سنڌ کي ڪجهه نه ڪجهه ڊليور ٿيڻ گهرجي هلندڙ جنوري مهينو ۽ فيبروري ملڪي توڙي سنڌ جي سياست لاءِ اهم آهن. ۽ وزير اعظم عمران خان تي سنڌ جي سياستدانن جو جيڪي پ پ مخالف آهن جو سندس مٿان اعتماد نه رهيو آهي ۽ وزير اعظم صرف انهن کي سکڻا دلاسا ئي ڏئي وقت گذاريندو رهيو آهي. هن وقت پ پ کي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي سندس هٿن مان سنڌ کسڪي رهي آهي. آصف زرداري کي هاڻي هاري ياد آيا آهن. پهريان سنڌ واسين جي مالڪي ٿئي ها ته اڄ پ پ مشڪلاتن ۾ نه هجي ها. خان ڳڙهه ۾ ٿيندڙ وڏي سياسي بيٺڪ کي بريڪ ڏيڻ لاءِ زرداري وڏو سياسي پتو کيڏڻ وڃي رهيو آهي. منهنجي خيال مطابق آصف زرداري کي پنجاب مان به سياسي حمايت ملڻ لازمي آهي. ڇاڪاڻ ته پنجاب پاڪستان جو وڏو صوبو آهي ۽ پنجاب ۾ بلدياتي اليڪشن مئي کان جون تائين شروع ٿيندي. ذريعا ٻڌائن ٿا ته خان ڳڙهه جي سياسي بيٺڪ کان پوءِ سنڌ ۾ سياسي هلچل شروع ٿيڻ واري آهي. ۽ پ پ کي سنڌ ۾ ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ هڪ وڏي پلاننگ ترتيب ڏني وئي آهي. بهرحال پاڪستان سميت سنڌ جو سياسي منظر نامو فيبروري تائين تبديل ٿي ويندو. گهوٽڪي جي بيٺڪ ۾ جيڪڏهن وفاق پاران مثبت موٽ ملي ٿي ته اها سنڌ لاءِ لاڀائتي هوندي. ۽ جيڪڏهن سردار علي گوهر خان مهر معرفت وفاق سنڌ لاءِ ڪو وڏو ترقياتي پيڪيج ڏئي ٿو ته سنڌ جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. جنهن جو انتظار اسان سڀني کي آهي. بظاهر سياسي بيٺڪ کان پوءِ ڪنهن به پيڪيج جو اعلان نه ڪيو ويو پر پوءِ به سنڌ واسي هن سياسي بيٺڪ مان پراميد آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.