بک.بدحالي ۽ ڏڪار جهڙين مصيبتن ۾ وڪوڙيل افغانستان جو ڇا ٿيندو؟

طفيل مگسي

اڄ افغانستان هڪ نئين دور مان گذري رهيو آھي.بک.بدحالي ۽ ڏڪار کان بچڻ جي لاءِ سڄو ڏينهن محنت مزدوري ڪرڻ جي باوجود به ڪو ڪو افغاني ٻه يا ٽي سو ڪمائي سگهي ٿو.جڏھن هتي لکن جي انگ ۾ ماڻھو بدترين غربت ۽ بدحالي جي زندگي گذارڻ تي مجبور آھن.پهاڙن کان صبح جو پرھ ڦٽي کان اڳ هٿن ۾ اوزار کڻي شھرن ۽ بازارن جو رخ ڪن ٿا.ليڪن شهرن ۾ ته ڪو به ڪم وغيره نه پيو ٿئي.بينڪون بند پيل آھن ۽ ٻاھرين ملڪن کان اچڻ واري امداد بلڪل ئي بند ٿي چڪي آھي.ڪن ڪن مزدورن کي ڪو ايڪڙٻيڪڙ ڪم.ملي وڃي ٿو نه ته اتي سڄو ڏينهن ڪم جي انتظار ۾ بيهي بيهي ڪري مزدور شام جو لٿل ۽ مايوس چهرا ساڻ ڪري پنهنجن گهرن ڏانهن موٽي وڃن ٿا.

گذريل هفتي جنهن هڪ شيءِ جي باري ۾ سڀ کان وڌيڪ شڪايتون ٻڌڻ ۾ آيون اهي کاڌ خوراڪ جون وڌندڙ قيمتون ۽ والدين کي پنهجن معصوم.ٻارڙن کي کاڌو ميسر ڪري ڏيڻ جي پريشاني شامل هئي.روزمره جي زندگيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ شيون آسمان کي ڇهي رهيون آھن ۽ ماڻھو پنهنجن خاندانن کي ٻن وقتن جو کاڌو کارائڻ واري جدوجهد کانپوءِ به رهجي وڃن ٿا.

شھري گهٽين ۽ چوراهن تي ماڻھو ريڙھا ريڙھيون هڻي ڪري ڏيک ڏين ٿا.جتي اهي کاڌ خوراڪ جون نه بلڪ پنهنجن گهرن جون شيون وڪرو ڪري رهيا آھن ته جيئن انهن مان حاصل ٿيڻ واري رقم مان کاڌ خوراڪ حاصل ڪري سگهجي.پر بازارن ۾ وڪرو ڪرڻ  وارا تمام گهڻا آھن.جڏھن ته خريد ڪرڻ وارا اٽي ۾ لوڻ جي برابر آھن.يعني استعمال ٿيل شين جي بازارن ۾ به مايوسي جو راڄ ڇانيل آھي.اهڙي صورتحال کي ڏسندي ڪجهه ملڪ افغانين کي مدد پڻ ڪرڻ چاهين ٿا.پر ملڪ تي طالبان جي حڪومت کي تسليم نٿا ڪن.يعني وڙھن سانھ لتاڙجن ٻوڙا وارو ماحول آھي.

هن وقت افغانستان ۾ انساني بحران کي حل ڪرڻ جي لاءِ بين الاقوامي فنڊز منجهان اقوام متحده جي سورسز سبب 28 ڪروڙ ڊالرز جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي.ورلڊ بينڪ جي مطابق اهو فيصلو ان لاءِ ڪيو ويو آھي ته جيئن افغانستان ۾ جاري انساني ۽ معاشي امداد روڪڻ کانپوءِ افغانستان کي سخت مشڪلات جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آھي.ورلڊ فوڊ پروگرام خبردار ڪيو آھي ته افغانستان جي اٽڪل اڌ آبادي شديد بک.جڏھن ته 30 لک ٻارڙا غذائي کوٽ جو شڪار آھن.ان بحران جتي عالمي طاقتن جي طرف کان مسلسل امداد ۽ افغانستان جا فنڊ روڪڻ جو عمل کي ننديو آھي ته اتي ملڪ جي اندر ڏڪار جو به هڪ بنيادي سبب ٻڌايو پيو وڃي.جنهن جي ڪري نه صرف ڪڻڪ جي کوٽ پيدا ٿي چڪي آھي.

طالبان جي اقتدار تي قبضي ۽ بين الاقوامي پابندين کانپوءِ معشيت ڪنٽرول کان ٻاھر نڪري چڪي آھي.مغربي حمايت يافتا گذريل افغانستان جي حڪومت جي خاتمي بيروزگاريءَ ۾ بي انتها واڌاروڪري ڇڏيو آھي..عام ماڻھو تمام.گهٽ پنهنجن خاندانن کي کاڌو کارائڻ يا پنهنجن  گهرن کي گرم ڪرڻ جي طاقت رکن ۽ اٽڪل 10 لک ٻارڙا شديد غذائي کوٽ جي خطري واري اوسيئڙي ۾ آھن.

ورلڊبينڪ جي چيف ڊيوڊ جو چوڻ آھي ته افغانستان جي تباه شده معشيت ۾ ڪم ڪرڻ جو تصور نٿا ڪري سگهون.

اقوام متحده خبرادر ڪيو آھي ته جيڪڏھن افغانستان جي فورن مدد نه ڪئي وئي ته لکين ماڻھو زندگيءَ جي جنگ هاري ويهندا.

اقوام.متحده هن سال 2022ع ۾ بک .بدحالي ۽ صحت جهڙن مسئلن سان منهن ڏيڻ جي لاءِ 5 ارب ڊالرز جو اندازو هنيو آھي.انساني الميي جي شڪار هن ملڪ ۾ شھري گذر سفر جي لاءِ پنهنجن ٻارڙن جون شاديون پئسن جي بدلي ڪرڻ تي مجبور آھن.اقوام متحده جي طرف کان جاري بيان ۾ چيو ويو آھي ته ٻن ڏهائين تائين جنگ کان چور چور ٿيل افغاني عوام کي مڪمل تباهيءَ کان بچائڻ جي لاءِ 4.4 ارب ڊالرز جي سخت ضرورت آھي.جڏھن ته وڌيڪ 2 ڪروڙ 30 لک ماڻهو ٻين ملڪن ۾ پناهه وٺڻ وارن افغانين جي پڻ مدد ڪرڻ گهرجي

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي ته اها رقم 2 ڪروڙ 20 لک فردن جي لاءِ جڏهن ته پنجن پاڙيسري ملڪن ۾ 57 لکن کان وڌيڪ افغانين جي پڻ مدد ڪرڻي پوندي.اقوام متحده جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن هڪ ملڪ جي لاءِ 5 ارب ڊالرزجي رقم جي اپيل آھي.طالبان جي گذريل سال آگسٽ ۾ اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ افغانستان جي ٻاهرين ملڪن جي مدد کي بند ڪيو ويو هو.جنهن کان پوءِ ملڪ شديد مسئلن سان چئني پاسن کان وڪوڙجي چڪو آھي.۽ غربت.مهانگائي ۽ بيروزگاري کنڀين جيان ڄڻ ته زمين منجهان نڪري پئي آھي.

چٽو رهي ته ماهر اڳ کان ئي خبردار ڪري چڪا آھن ته هلندڙ سال 17 لک فرد شديد غذائي کوٽ کي منهن ڏيندا.جنهن ۾ 11 لک ٻارڙا پڻ شامل آھن.افغانستان ۾ مسلسل شديد ٿڌ جي سبب کان انساني بحران تيزي سان وڌي رهيو آھي.طالبان جو اقتدار تي قبضي ۽ بين الاقوامي پابندين کانپوءِ ملڪ جي معشيت بلڪل ويهي وئي آھي.

افغانستان جو عوام بک جي حقيقي ۽ شديد خطري جي ٻه واٽي تي آھي.انهيءَ دوران ڪيترن ئي علائقن کان ڏڪار جون پڻ خبرون اچي رهيون آھن.جنهن کمان تيزيءَ سان بدتر کان بدتر صورتحال جو اندازو ٿئي ٿو.

ڊيوڊ ترقي يافتا ملڪن جي حڪومتن ۽ ارب پتي ماڻھن کي چئي رهيو آھي ته”هي افغاني ماڻھن جي  فوري مدد  ڪن.هن چيو ته ڇا عالمي اڳواڻ ۽ ارب پتي پنهنجن معصوم ٻارڙن کي ائين بک وگهي مرندو ڏسي سگهن ٿا.جي نه ته اهڙي عمل تي اسان ۽ ٻين کي انساني ناطي جي شرم اچڻ کپي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.