31جنوريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟ 

فقير محمد سنڌي

¨ 31جنوري 733ع امام محمد باقر عليه السلام جي شھادت جو ڏينهن آهي.

¨ 31 جنوري 1893ع تي شهنشاهه نڙائي شاهه محمد نابينا ولد محمد رمضان بڪڪ تعلقي ميرپور بٺوري جي ڳوٺ دڙي لائق پور جي ڳوٺ عيسيٰ بڪڪ ۾ ڄائو.

¨ 31جنوري 1915ع تي پهرين عالمي جنگ ۾ جرمني، روس خلاف زهريلي گئس جو استعمال ڪيو .

¨ 31 جنوري 1933ع تي انگريز ناول نگار ۽ ڊراما نگار جان گيلس ورٿ، جو وڇوڙو ٿيو..

¨ 31 جنوري 1937ع تي سنڌ اسيمبليءَ جي پھرين اليڪشن ٿي جنھن ۾ ڪل 60 سيٽون مخصوص هيون.

¨ 31 جنوري 1945ع ناول نگار ۽ ليکڪ عبدالحئي پليجو جو جنم ڏينھن آهي.

¨ 31جنوري1953ع تي آمريڪي صدر هيري ٽرومين هائيڊروجن بم پروگرام کي مضبوط ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

¨ 31 جنوري 1951ع تي مشھور شاعر سيماب اڪبر آباد جو وڇوڙو ٿيو

¨ 31 جنوري 1951ع تي آمريڪا خلائي ڊوڙ ۾ داخل ٿيو.

¨ 31جنوري1953ع تي هالينڊ ۾ خطرناڪ ٻوڏ سبب 1800 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.

¨ 31 جنوري 1960ع تي جان ايف ڪينيڊي آمريڪا جو صدر منتخب ٿيو.

¨ 31 جنوري 1961ع تي نئين ٽهي جو شاعر شاهه محمد پيرزادو ڳوٺ ٻلهڙيجي لڳ (موهن جو دڙو) ۾ جنم ٿيو.

¨ 31 جنوري 1963ع تي امجد سراج ميمڻ حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس سڃاڻپ، ناول نگار، افسانه نگار، لسانيات جو ماهر ۽ صحافي اٿس.

¨ 31جنوري 1968ع تي نيرو، آسٽريليا کان آزادي حاصل ڪئي.

¨ 31 جنوري 1977ع تي پاڪستان ۾ هٿياربند فوج جو پھريون هفتو ملهايو ويو.

¨ 31جنوري 1981ع آمريڪي ڳائڻي، ڊانسر ۽ اداڪار جسٽن ٽمبرليڪ جو جنم ڏينهن آهي.

¨ 31 جنوري 1982ع تي نيپال جي سربراهه شاهه بڪرم جو جنم ڏينھن ٿيو.

¨ 31 جنوري 1984ع تي عالم دين ۽ شاعر سيد نجي الله شاهه راشدي گذاري ويو.

¨ 31 جنوري 1990ع تي ممتاز اردو شاعر ۽ نقاد انجم اعظمي، جو وڇوڙو ٿيو.

¨ 31 جنوري 1988ع تي شاعر ساگر سيتائي جو لاڏاڻو ٿيو.

¨ 31 جنوري 1999ع تي شاعر سڪايل ملاح گوزائي جو لاڏاڻو ٿيو.

¨ 31 جنوري 2004ع تي اداڪاره ۽ گلوڪاره ثريا جو لاڏاڻو ٿيو.

¨  31جنوري 2004ع تي پاڪستان جي ايٽمي سائنسدان عبدالقدير خان تي ائٽمي ٽيڪنالاجي پکيڙڻ جو الزام سامھون آيو .

¨ 31 جنوري 2007ع تي صحافتي پيشي سان جڙيل قاضي سعيد اڪبر جو وڇوڙو ٿيو.

¨ 31 جنوري 2008ع تي شاعر ميرل جوئي راهه رباني ورتي.

¨

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.