ڄام شوري مان کنڀي گم ڪيل نوجوان جي آزادي لاءِ ڌرڻو

ڄام شورو (ڊ ر) ڄامشورو مان کنڀي گم ڪيل ايس يو پي جي صدر جاويد شورو جي آزادي لاءِ  ايس يو پي تعلقي ڄامشورو جي سڏ تي عمر ابڙو، حق نواز مڱڻهار، ساگر جمن بڙدي، جاويد شورو جي والد مومن شورو، فاروق ٻٻر ۽ شاهنواز خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ قومي ڪارڪنن شهر جي مک چوڪ کان ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي اڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته جاويد شورو کي بنا جواز کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جاويد شورو پرامن سياسي ڪارڪن آهي، جيڪو شهر جي مسئلن تي پڻ آواز اٿاريندو آهي.هنن چيو ته شهر جي مسئلن توڙي قومي مسئلن تي آواز اٿارڻ تي قومي ڪارڪنن کي مختلف طريقن سان حراسان ڪيو پيو وڃي، جنهن جو واضع ثبوت جاويد شورو کي کنڀي گم ڪرڻ آهي.احتجاجي ريلي کي شلوا چيئرمين ڪامريڊ جوشيلو، سماجي اڳواڻ ساگر عالماڻي، دڪاندار اڳواڻ اصغر ناريجو، رحيم جمالي، قادر بخش ڀلائي، محمد بخش مري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.