دريا خان مريءَ ويجهو قبيلائي تڪرار تان مامو ڀاڻج بس مان لاهي گوليون هڻي قتل

دريا خان مري  (رپورٽ:عبدالحفيظ پلهه) دريا خان مري ويجهو قبيلائي تڪرار  تان مامي ڀاڻج کي بس مان لاهي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.رپورٽ موجب دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ مراد کوکر وٽ ڳوٺ موٽر مري ويندڙ موٽر سائيڪل سوارن تي ھٿياربندن انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنھن دوران نوجوانن موٽرسائيڪل ڇڏي دريا خان مري کان مورو ويندڙ بس ۾ سوار ٿي بچڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھٿياربندن بس بيھاري کين هيٺ لاهي مٿن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ امام بخش مري ۽ سندس ڀاڻيجو اعجاز مري سخت زخمي ٿي پيا،جن کي نواب شاھ اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته هنن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو..مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد ڳوٺ موٽر مري آندا ويا ته ڪھرام مچي ويو. پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر ٻڌايو ته امام بخش مري کي پيٽ ۽ ڄنگهھ ۾ 10 کان 11 گوليون لڳل ھيون جڏھن ته اعجاز مري کي پيٽ ۽ پٺيءَ ۾ 5 گوليون لڳل ھيون. مقتولن جي وارث غلام حيدر مري ٻڌايو ته منھنجو ڀاءُ امام بخش مري ۽ ڀاڻيجو اعجاز مري روزي سان هئا، ڳوٺ وڃي رھيا ھئا ته تاڙ ۾ بيٺل ھٿياربندن کين گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو. ھن چيو ته اسان جي ڪنھن سان ڪا به دشمني ناھي، اسان کي پوليس تي اعتماد آھي ته پوليس حملو ڪندڙ جوابدارن کي جلد گرفتار ڪندي، جيڪڏهن جوابدار گرفتار نه ٿيا ته پوءِ لائحه عمل جوڙيو ويندو. هوڏانھن علائقي ۾ چوٻول آھن ته غلام حيدر مري ۽ نياز مري واري ڌر ۾ خوني تڪرار ھلندڙ آھي، جنھن سبب ٻنهي ڄڻن کي قتل ڪيو ويو.ٻئي طرف دريا خان مري،پڊعيدن ۽ ڦل ٿاڻن جي پوليس ھٿياربندن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ موٽر مري سميت مختلف ھنڌن تي چڙھائي ڪئي پر ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.