سرڪاري معلومات ليڪ ڪندڙ بدعنوان نيب اهلڪار جي سزا برقرار

اسلام آباد(م ڊ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري معلومات ليڪ ڪندڙ بدعنوان نيب اهلڪار جي سزا برقرار رکي آهي. صدر نيب اهلڪار جي ڪرپشن جي لاءِ سرڪاري معلومات ليڪ ڪرڻ تي سزا جي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي آهي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نيب سرڪاري راز ظاهر ڪرڻ جي ڪيسز ۾ ملوث ٻين آفيسرن جي خلاف پڻ ڪارروائي ڪري، افسوس جو بدعنواني جي خاتمي لاءِ ذميوار اداري نيب جي اندر ئي ڪرپشن ڪئي وئي، تفصيل موجب نيب جي اسسٽنٽ پرائيويٽ سيڪريٽري (بي ايس 16)، نعمان اقبال، غيرقانوني طور تي غيرمجاز ماڻهن کي سرڪاري معلومات ڏني، انڪوائري ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي اهلڪار کي 5 سال جي لاءِ هيٺئين پوسٽ تي تنزلي جي سزا ڏني وئي. نيب اهلڪار سزا جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪري رکي هئي. نيب ڪراچي سورس رپورٽ جي بنياد تي انڪوائري جي اپيل ڪندڙ جي موبائيل مان ڳجهو رڪارڊ مليو. نيب اهلڪار جي فون جي فرانزڪ تجزيي ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ دستاويزن سان پڻ ڏوهه ثابت ٿيو. صدر چيو ته نيب اهلڪار فيصلي جي خلاف ڪو معقول سبب يا اضافي جواز فراهم نه ڪيو، اهڙي ماڻهو جي لاءِ 5 سال جي سزا انصاف نه آهي، سزا وڌيڪ سخت هجڻ گهرجي ها. صدر اپيل رد ڪندي چيو ته نيب معاملي ۾ ملوث بين آفيسرن جو قصور ثابت ٿيڻ تي انهن کي دوکيبازي، ملڪ جو تشخص خراب ڪرڻ تي سزا ڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.