فريد آباد سانحي کي سوشل ميڊيا تي وائکو ڪندڙ نوجوان جي گرفتاري ظاهر

ميهڙ (ن ع آ) فريد آباد ڀرسان ڳوٺ فيض محمد درياڻي ۾ لڳل باهه سبب انساني جانين جي نقصان تي ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن جي نااهلي کي سوشل ميڊيا تي وائکو ڪندڙ نوجوان زبير سمون کي ميهڙ پوليس کنڀي شڪارپور پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن وري نوجوان جي چرس جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر ڪري منشيات فروش کي مقابلي ۾ پڪڙڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي.هوڏانهن ميهڙ شھري اتحاد جي چيئرمين نياز ٻرڙو،  صدر عبدالستار چنو ۽ ايوب کوسو ميهڙ واسي نوجوان سوشل ورڪر زبير سمون جي چرس جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر ڪرڻ خلاف پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته زُبير سمون کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، زُبير سمون جو ڏوهه هي آھي ته هن فيض محمد درياڻي ۾ لڳل باهه سبب انساني جانين جي نقصان تي ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائيندن جي نااهلي کي وائکو ڪيو هو.هنن چيو ته بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او اصغر شاهه ۽ اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او زاهد کوسو سوشل ورڪر زُبير سمون کي ٿاڻي تي گهرائي گم ڪري ٻن ڏينهن تائين تشدد ڪيو بعد ۾ کيس شڪارپور مان چرس جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر ڪئي وئي. هنن سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيل نوجوان کي آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.