ام رباب جي ٽن ڀاتين جي قتل ڪيس ۾2 جوابدارن جي ضمانت رد

دادو (خاص رپورٽر) دادو جي عدالت ام رباب جي ڏاڏي، والد ۽ چاچي جي قتل ڪيس ۾ ملوث ٻن جوابدارن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي.ماڊل ڪورٽ دادو ٻن مک جوابدارن ذوالفقار۽ سڪندر چانڊيو جي ضمانت درخواستن تي فيصلو ٻڌائيندي سندن ضمانتون رد ڪري ڇڏيون.فيصلو ٻڌائڻ وقت ام رباب چانڊيو  عدالت ۾ پڻ موجود هئي.ان موقعي تي ام رباب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عدالت ٻنهي جوابدارن جي ضمانت رد ڪئي، اميد آهي ته عدالتون مايوس نه ڪنديون، سرداري نظام خلاف اسان جي جدوجهد جاري رهندي.هن چيو ته 4 سال اڳ ڏاڏي، والد ۽ چاچي کي قتل ڪيو ويو، سندن ڏوهه اهو هو ته هنن جاگيردار جي غلامي پسند نه ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.