پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن تي ڌر هجڻ جو الزام

اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن مٿان ڌر هجڻ جو الزام لڳائيندي اليڪشن ڪميشن خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب وڪيل انور منصور خان ۽ شاهه خاور تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عامر ڪياني طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي، تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن سميت 17 سياسي پارٽين جن ۾ (ن) ليگ، پ پ، ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي، عوامي مسلم ليگ، تحريڪ لبيڪ، باپ، بي اين پي، اي اين پي، پي ٽي آءِ ۽ ٻين کي درخواست ۾ ڌر بنايو ويو آهي ۽ ان 17 سياسي پارٽين خلاف ڪيسز جو فيصلو هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي، تحريڪ انصاف پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف خلاف ڪارروائي دوران ڌر هجڻ جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي اڪائونٽس جيان 17 سياسي پارٽين جي اڪائونٽس جي اسڪروٽني کان انڪاري آهي. اليڪشن ڪميشن جي رويي سان تحريڪ انصاف متاثر پارٽي بڻجي وئي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي 17 سياسي پارٽين جي جانچ جو به حڪم ڏنو وڃي. اسٽيٽ بينڪ جي رپورٽ کان پوءِ اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين جي اڪائونٽس جا تفصيل عام ڪندي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي هدايت ڏني وڃي ته هو ٻين 17 سياسي پارٽين جا ڪيسز روزاني جي بنياد تي ٻڌي هڪ مهيني ۾ فيصلو ڪري ۽ تحريڪ انصاف سان ڌر هجڻ وارو رويو نه رکي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.