عمران خان وارو ڪم انڊيا اربين رپيا خرچي به نه ڪري سگهي ها

لاهور (عوامي آواز نيوز)  هندستان جي هڪ اينڪر جو ٽوئيٽ پي ٽي آءِ وارا ري  ٽوئيٽ ڪري رهيا آهن، ان ٽوئيٽ ۾ هندستان جي اينڪر ميجر غورب آريا ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته هندستان اربين رپيا خرچ ڪري ها تڏهن به پاڪستان جي عوام کي پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ خلاف استعمال نه ڪري سگهي ها، ساڳيو ڪم عمران خان هندستان کي مفت ڪري ڏئي رهيو آهي ان ڪري عمران خان هندستان جو دوست آهي. نامياري صحافي گوهر بٽ  پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته ان ٽوئيٽ تي نواز شريف جي انتهائي ويجهي پارٽي اڳواڻ پرويز رشيد  ٽوئيٽ ڪيوآهي ته ڏسو عمران خان اوهان بابت پهرين شاهدي اچي وئي آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ وارا هندستان جي اينڪر جو ٽوئيٽ ري ٽوئيٽ ڪري شيئر ڪري رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.