ناڻي وزير جون آءِ ايم ايف سان ڳالهيون، پيٽروليم اسمن تي سبسڊي ختم ڪرڻ تي اتفاق

واشنگٽن (م ڊ) ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جي واشنگٽن ۾ آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ پاڪستان جي لاءِ بيل آئوٽ پيڪيج جي ستين جائزي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.آءِ ايم ايف اختيارين پاڪستان تي پيٽروليم شين تي سبسڊي ختم ڪرڻ لاءِ زور ڏنو، ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل به آءِ ايم ايف سان ان سبسڊي کي ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.ان کانپوءِ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي مفتاح اسماعيل ٻڌايو ته آءِ ايم ايف اختيارين پيٽرول تي سبسڊي نه ڏيڻ تي زور ڏنو آهي، اسان آءِ ايم ايف سان سبسڊي ۾ گھٽتائي تي اتفاق ڪيو آهي ته حڪومت وڌيڪ سبسڊي برداشت نٿي ڪري سگھي، هن چيو ته عمران خان معزولي کان بچڻ جي ڪوشش ڪندي تيل ۽ بجلي تي سبسڊي سان گڏ ڪاروبار لاءِ ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم ذريعي ايندڙ حڪومت لاءِ هڪ ” ڄار“ وڇايو، هن چيو ته آسمان کي ڇوهندڙ هن مهانگائي ۾ پاڪستان جي غريب ترين ماڻهن لاءِ ڪجهه ٽارگيٽڊ سبسڊيون برقرار رهڻ گهرجن، هن چيو ته اسان اشرافيه کي فائدو پهچائيندڙ اهو ملڪ آهيون جتي تقريبن هر سبسڊي امير ترين ماڻهن کي وڃي ٿي، هن ان ڳالهه جي ترديد ڪئي ته پاڪستان کي قرضن سبب ڊيفالٽ ٿيڻ جو خطرو آهي، آءِ ايف ايف پاڪستان ۾ اسٽرڪچرل سڌارا چاهي ٿي، اهي سڌارا ضروري آهن، اهي تڪراري نه ٿيڻ گهرجن، واشنگٽن ۾ ٿنڪ ٽئنڪ کي خطاب ڪندي هن چيو ته ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪرڻ چاهيون ٿا، هڪ سال اندر چونڊن ڏانهن وينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.