مودي جي دوري خلاف اڄ والاريل ڪشمير ۾ هڙتال جو اعلان

سرينگر (م ڊ) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي دوري جي موقعي تا ناجائز ڀارتي قبضي خلاف احتجاج طور اڄ  مڪمل هڙتال ڪئي ويندي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق هڙتال جو سڏ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس طرفان ڀارتي وزيراعظم کي اهو واضع پيغام ڏيڻ لاءِ ڏنو ويو آهي ته ڪشميري پنهنجي وطن تي ڀارت جي غير قانوني قبضي کي رد ڪن ٿا ۽ اهي پنهنجي جدوجهد ان وقت تائين جاري رکندا قابض ڀارتي انتظاميا نريندر مودي جي دوري کان اڳ نام نهاد حفاظتي قدمن جي نالي تي والاريل علائقي خاص طور تي ڄمون ۾ وڏي انگ ۾ ڀارتي فوجي ۽ پوليس اهلڪار مقرر ڪري ڇڏيا آهن، هوڏانهن آمريڪي ڪانگريس جي اڳواڻ اينڊي ليون ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي بدترين صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.