اسد قيصر پاران غيرقانوني ڀرتيون ۽ ترقيون ڏيڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر پاران غيرقانوني طور تي ڀرتيون ۽ ترقيون ڏيڻ جو انڪشاف سامهون اچي ويو آهي. ذريعن موجب اسد قيصر 200 کان وڌيڪ ماڻهن کي قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ ۾ ڀرتي ڪيون ۽ ترقيون ڏنيون، جڏهن ته ڀرتي ڪيل ماڻهن جو تعلق اڳوڻي اسپيڪر جي تڪ سان هو، ذريعن موجب اسد قيصر پنهنجي ڀيڻوئي طاهر قديم کي گريڊ 17 ۾ خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ عارضي طور تي ڀرتي ڪرايو جنهن کان پوءِ کيس غيرقانوني طريقي سان ڊيپوٽيشن تي اسلام آباد گهرائي ورتو، جڏهن ته طاهر قديم کي بعد ۾ مستقل طور تي قومي اسيمبلي ۾ ضم ڪيو ويو، ذريعن موجب اسد قيصر طرفان 2 اپريل تي غيرقانوني طور تي 9 آفيسرن کي پروموشن به ڏني وئي، ذريعن موجب اسد قيصر وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي رٿ جي معاملي تي هڪ ڏينهن اڳ پنهنجي ڀيڻوئي کي گريڊ 19 ۾ ترقي ڏني، ذريعن ٻڌايو آهي ته قومي اسيمبلي جي فنانس ڪميٽي ۾ اهي مقرريون نه ايجنڊا تي هيون ۽ نه ئي وري ان حوالي سان ورڪنگ پيپر تيار ڪيو ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.