اظهار راءِ جي آزادي جي تحفظ تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اظهار راءِ جي آزادي جي تحفظ تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، اڳوڻي دور ۾ پيڪا آرڊيننس ۽ پي ايم ڊي اي جهڙن ڪارن قانونن سان 22 ڪروڙ عوام کي غلام بڻائڻ جي سازش ڪئي وئي. اها ڳالهه هن ڪالهه ڇنڇر ڏينهن هتي سي پي اين اي، اي پي اين ايس، پي بي اي، پي ايف يو جي ۽ AEMEND جي نمائندن تي ٻڌل ميڊيا جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي ميمبرن سان منعقد اجلاس ۾ ڳالهائيندي چئي. اجلاس ۾ فيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ قانونسازي تي اتفاق ڪيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پيمرا قانون ۾ مشاورت سان قانونسازي ۽ فيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ شق شامل ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ٿيو ته فيڪ نيوز سان قومي سلامتي مفادن، عوام جي اتحاد کي نقصان پهچائڻ جو تدارڪ ٿيندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جي تحفظ تي ڪو ٺاهه نه ڪندي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اظهار راءِ جي آزادي جي آئيني، مهذب حق جو فروغ چاهي ٿو، هن چيو ته اسان صحافي برادري جي مشاورت سان هلنداسين، توهان جي راءِ جي روشني ۾ ميڊيا جي آزادي کي فروغ ملندو. هن چيو ته چار سالن ۾ ملڪ جي معيشت وانگر ميڊيا کي به مالي طور تي تباهه ڪيو ويو. مريم اورنگزيب چيو ته صحافين جي معاشي تباهي جو احساس آهي، چاهيون ٿا ته جلد انهن کي پهچندڙ نقصانن جو ازالو ڪريون. هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ صحافي بيروزگار ٿيا، ڪيترائي فوت ٿي ويا، پگهارون اڌ ٿي ويون، انهن جي خاندان ۽ ٻارن جي تڪليفن کان آگاهه آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان ملڪ جي معاشي تباهي جي بحالي جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اڳوڻي حڪومت ملڪ کي معاشي ڏيوالپڻو ڪرڻ جي سازش ڪئي. هن چيو ته غيرملڪي سازش ۾ صحافين تي سنگين الزامن جي سخت مذمت ڪريون ٿا. پي ايف يو جي جي مطالبي جي حمايت ڪريون ٿا، ڪوڙن کي گهر تائين پهچائينداسين. هن چيو ته غيرملڪي سازش جي نالي تي ادارن، عدليه، ميڊيا تي گند اڇاليندڙن کي اسپيس نه ڏنو وڃي، ڪوڙ تي ٻڌل انتشاري فسادي بيانيي جي تدارڪ ۾ ميديا پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته سياستدانن جي پناهه جي جڳهه آزاد، غيرجانبدار ميڊيا هوندي آهي، اسان ان کي طاقتور ڪنداسين. ان موقعي تي وفد موجوده جمهوري حڪومت پاران اڳوڻي حڪومت جي ڪارن قانونن کي ڪالعدم ڪرڻ جي قدم جي آجيان ڪندي چيو ته اطلاعات واري وفاقي وزير عهدو سنڀاليندي ئي پي ايم ڊي اي جي ڪاري ضابطي کي ڪالعدم قرار ڏنو جنهن تي سندس ٿورائتا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.