ڪراچي ۾ مختلف هنڌن تي 5 مبينا ڏوهاري هاف فراءِ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس 5 مبينا ڏوهارين کي هاف فراءِ  ڪري ڇڏيو، پوليس مقابلن دوران ڪيترائي ڏوهاري گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي. نيو ڪراچي ۾ پوليس 2 ڄڻن وقار ۽ محمد حسن کي مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪري ڇڏيو، گلستان جوھر ٿاڻي جي پوليس به مقابلي ۾ جوابدار جميل ۽ شفيق کي زخمي حالت ۾ گلستان جوھر بلاڪ 11 مان گرفتار ڪري ورتو.ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي جي پوليس گشت دوران ڪارروائي ڪري، هڪ موٽر سائيڪل چور عاطف پٽ آصف کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان چوريءَ جي موٽر سائيڪل هٿ ڪري ورتي.برگيڊ ٿاڻي جي پوليس اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتن ۾ ملوث ٻن جوابدارن شاهه رخ ۽ شاهد کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان ٻه عدد پستول، ڦر ڪيل رقم هڪ لک 40 هزار ۽ هڪ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي. ٻئي طرف گلشن معمار ٿاڻي جي پوليس به ڪريم شاهه جي مزار ڀرسان مقابلي کان پوءِ هڪ ڦورو جلال الدين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو.پوليس موجب جوابدار جا ٻه ساٿي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.