خان پور مهر ويجهو قبيلائي تڪرار تان نينگر گوليون هڻي قتل

خان پور مهر (رپورٽ:ميهر مهر) خان پور مهر ويجهو بوزدار برادري جي ٻن ڌرين ۾پراڻي تڪرار تان نينگر گولين جو کاڄ بڻجي ويو.رپورٽ موجب خان پورمهر ويجهو پير بري واري علائقي ۾ بوزدار برادري جي ٻن ڌرين ۾هلندڙ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ 16 ورهين جو  نزاڪت علي پٽ جيئل بوزدار مارجي ويو، شيخ همدان بن محمد اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد نينگر جو لاش وارث ڳوٺ کڻائي ويا. مقتول نينگر جي پيءُ جيئل بوزدار ميڊيا کي ٻڌايو ته جهيصڙيندڙ ڌرين سان سان جو ڪو به تعلق ناهي، ان جي باوجود هٿياربندن گهر ۾ گهڙي منهنجي ننڊ پيل  پٽ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.