پنج ڪروڙ آبادي لاءِ رڳو 399 ايمبولينسز هجڻ جو انڪشاف

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ ۾ 5 ڪروڙ آبادي لاءِ صحت کاتي وٽ رڳو 399 ايمبولينسز هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان حوالي سان صحت کاتي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ پيش ڪري ڇڏي آهي،  جنهن ۾ تقريبن 2 ڪروڙ آبادي واري شهر ڪراچي لاءِ صرف 60 ايمبو لنسون موجود آهن، صحت کاتي موجب سنڌ ۾ هڪ لک 19 هزار 936 ماڻهن لاءِ هڪ ايمبولنس موجود آهي، سڀ کان گهٽ ايمبولنسون ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ آهن، جتي رڳو 4 ايمبولينسز هجڻ جو اعتراف ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح لاڙڪاڻو ۾ 23، سکر ۾ 18، شهيد بينظير آباد ۾ 11، حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ۾ 15-15 ايمبولينسز موجود آهن، ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر کي 39، ڄامشورو کي 25، دادو کي 13 ۽ قمبر ضلعي کي 8 ايمبولينسز مهيا ٿيل آهن، اربين رُپيا بجيٽ رکندڙ صحت کاتو صوبي ۾ ايمرجنسي لاءِ هيلپ لائين نمبر به نه ڏئي سگهيو آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو ته سنڌ حڪومت نئون منصوبو شروع ڪري رهي آهي، جنهن تحت 230 ايمبولنسز جو مرحليوار اضافو ڪيو ويندو. عدالت صحت کاتي کي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي ٻڌايو وڃي ته صوبي ۾ ايمرجنسي جي جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.