پنجاب جي ايڊووڪيٽ جنرل کي ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو

لاهور(م ڊ) پنجاب جي ايڊووڪيٽ جنرل احمد اويس کي ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ هو عدالت ۾ پنجاب حڪومت جي نمائندگي نه ڪري سگهندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون واري وزارت پاران کيس ليٽر اماڻي ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي، ذريعن موجب نئين حڪومت فيصلو ڪندي ته احمد اويس ڪم جاري رکي يا سندس جاءِ تي ٻيو ڪنهن کي اي جي مقرر ٿي ڪري.ٻي پاسي احمد اويس جو چوڻ آهي ته استعيفا ڏيڻ يا هٽائڻ تائين ڪم جاري رکندس، ليٽر صرف حمزا شهباز جي ڪيس جي حوالي سان آهي، ٻيو ته آئون پاڻ ئي هاءِ ڪورٽ ۾ نه ويس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.