فريدآباد سانحي ۾سنگين لاپرواهي، ڊي سي دادو فارغ، امدادي رقم به ڦٻائڻ جي تياري

فريدآباد (رپورٽ:معشوق چانڊيو) فريدآباد سانحي ۾ سنگين  لاپرواهي جو مظاهرو ڪرڻ تي وڏي وزير نوٽيس وٺندي دادو جي ڊي سي سميع الله شيخ، ڊي ايڇ او حميد شيخ ۽ ميهڙ جي اسسٽنٽ ڪمشنر فهيم لاکير کي هٽائي سندن خلاف سختي سان ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جڏهن ته مرتضيٰ شاهه کي ڊي سي دادو مقرر  ڪري کيس فوري طور متاثر ڳوٺ ۾ پهچي  متاثرن جي بحالي وارو ڪم شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.ٻئي طرف وزيراعظم طرفان اعلانيل هڪ ڪروڙ جي رقم جا چيڪ  ڳوٺ فيض محمد درياڻي جي باهه متاثرن ۾ ورهائڻ دوران بدنظمي  پيدا ٿي وئي. وزير اعظم جي ٽيم امداد صديقي جي اڳواڻي ۾ اسلام آباد کان ڳوٺ فيض محمد درياڻي پهتي، جتي فوتين جي وارثن  کي 4-4  لک ۽ زخمين کي 3-3 لک رپين جا چيڪ ڏنا ويا.ٽيم گھر گھر وڃي متاثرن  کي چيڪ ڏيڻ وئي ته بدنظمي ٿي پئي. متاثرن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو.متاثرن جو چوڻ هو ته باهه سبب هڪ سئو کان وڌيڪ گهرن کي نقصان ٿيو پر سروي ۾ 75 گهرن کي باهه متاثر ڄاڻائي وزيراعظم طرفان موڪليل هڪ ڪروڙ رپين واري امدادي رقم ڦٻائڻ جي تياري ڪئي وئي آهي.ان موقعي تي ڊي سي سميع الله ۽ ڳوٺڻن ۾ منهن ماري پڻ ٿي،بدنظمي وڌي وڃڻ بعد  وزيراعظم جي ٽيم ۽ ڊي سي دادو چيڪ واپس کڻي ھليو ويو.ٻئي طرف باهه واقعي کي 6 ڏينھن گذري ويا، متاثرن کي نه پيئڻ جو صاف پاڻي ملي سگھيو نه وري راشن مهيا ڪيو ويو.متاثرن جو چوڻ آهي ته  انتظاميا جيڪي ٽينٽ لڳايا آهن اهي به ناڪارا آهن.هوڏانهن وفاقي سرڪار پاران اعلانيل امدادي رقم باھ متاثرن ۾ ورھائجي نه سگهي، آيل ٽيم سمورن متاثرن کي امدادي چيڪ ڏيڻ بغير واپس موٽي وئي، اهڙي عمل خلاف متاثرن ذوالفقار چانڊيو، اميد چانڊيو، ارشاد چانڊيو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيو ته اسان جو ڳوٺ سڙي ويو، 6 ڏينھن گذرڻ باوجود اسان کي پيئن جو پاڻي نه ٿو ڏنو وڃي ۽ جايون ٺاھي ڏيڻ واري اعلان تي به عمل نه ٿي سگھيو آھي جڏھن ته مليل ٽينٽ پڻ ناڪارا بڻيل آھن ھنن چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ 150 کان وڌيڪ گھر متاثر ٿيا آھن پر انتظاميه صرف 75 ڳوٺاڻن جي چيڪ لسٽ ٺاهي اسان ٻين کي رليف ڏيڻ کان انڪار ڪري ناانصافي ڪئي آهي. ھنن چيو ته  وڏي وزير پاران ڏنل پنج لک وارا چيڪ به پاس نه ٿي سگھيا آھن جنھن جون پڻ ڊي سي اڳيان شڪايتون ڪيون پر تدارڪ نه ٿو ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.