غوث پور ڀرسان پورهيت اغوا، پيرا ڳڙهي تيغو وٽ گم

غوثپور/ڪرم پور (رپورٽ:غفار اوڳاهي+ابراهيم شيخ) غوث پور ڀرسان مڇي ٻنڍو واري علائقي ۾ وڪيل سعيد بجاراڻي جي فش فارم تي پھرو ڏيندڙ ڳوٺ الاھي بخش شيخ جي رھواسي چاليھن ورھين جي ڪوڙو شيخ کي ھٿياربند اغوا ڪري ويا. پوليس مغوي جي وارثن کي ساڻ کڻي پيرو ڳڙھي تيغو واري علائقي ۾هڻي واپس موٽي آئي.بعد ۾ پوليس کوجي ڪتن ذريعي ڏوھارين جي نشاندھي ڪئي، کوجي ڪتا جمال ٿاڻي جي حد ڳوٺ بديع الله بجاراڻي ڀرسان دلدار ۽ الھيار نندواڻي جي گھرن ٻاهران ويهي رهيا پر پوليس جي پھچڻ کان اڳ ئي شڪي جوابدار نه صرف پنھنجا گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا پر چوپايو مال به ڪاھي ويا. پوليس شڪي جوابدارن جي گھرن ۾ پڪٽ قائم ڪري نفري مقرر ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.