مارچ ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو فيبروري ڀيٽ ۾ 98 سيڪڙو وڌيڪ رهيو

ڪراچي (م ڊ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب هلندڙ مالي سال مارچ جي مهيني ۾ ملڪ جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو هڪ ارب ٻه ڪروڙ ڊالر رهيو، مارچ جو خسارو فيبروري جي ڀيٽ ۾ 98 سيڪڙو وڌيڪ رهيو.اسٽيٽ بئنڪ هلندڙ سال مارچ ۾ ٻاهرين ادائيگين جا انگ اکر جاري ڪيا آهن، جنهن موجب مارچ ۾ ملڪي درآمدون 6 ارب 24 ڪروڙ ڊالر رهيون، مارچ ۾ ملڪي برآمدون 3 ارب 7 ڪروڙ ڊالر رهيون، ائين مارچ جو واپاري خسارو 3 ارب 17 ڪروڙ ڊالر رهيو.اسٽيٽ بئنڪ موجب 9 مهينن ۾ پاڪتسان 53 ارب 79 ڪروڙ ڊالرن جو مال دنيا کان خريد ڪيو ۽ تقريبن 24 ڪروڙ ڊالرن جو مال دنيا کي وڪرو ڪيو، 9 مهينن ۾ ملڪ جو واپاري خسارو 30 ارب ڊالر رهيو.مرڪزي بئنڪ موجب خدمتن ۽ آمدني جي کاتن جو خسارو شامل ڪرڻ سان 9 مهينن جو خسارو  37 ارب ڊالرن تي پهچي ٿو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.