آن لائن ڊيبٽ ڪارڊ صارفين سان هڪ ڀيرو ٻيهر فراڊ جو انڪشاف

اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ شهرين سان هڪ ڀيرو ٻيهر آن لائن ڊيبيٽ ڪارڊ فراڊ جو انڪشاف ٿيو آهي، ذريعن موجب آئن لائن ڊيبيٽ ڪارڊ فراڊ سان شروعاتي طور تي ٽن خانگي بئنڪن جا صارفين متاثر ٿيا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته فراڊ جون شڪايتون ٻن ڏينهن کان سامهون اچي رهيون آهن، شهرين جي اڪائونٽس مان ننڍي رقم جي ڪيترائي ڀيرا ٽرانزيڪشن ڪئي وئي آهي، ذريعن موجب اها ٽرانزيڪشنز بين القوامي رقم ۾ ٿي آهي، ٽرانزيڪشن سرچ انجڻ گوگل تي جعلسازي ذريعي ڪئي وئي آهي، جنهن جي ايف آءِ اي جي سائبر ونگ به متاثر شهرين سان رابطو ڪري معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ذريعن موجب ان فراڊ سان ڪيترا ماڻهو متاثر ٿيا آهن، ان حوالي سان في الحال ڪجهه به نه ٿو ٻڌائي سگهجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.