ڄامشورو ۾ بدامني چوٽ چڙهيل، هڪ ئي ڏينهن 4 واردارتون

ڄامشورو ( ڊ۔  ر ) نااھل ايس ايس پي ڄامشورو  جي مڪمل نااھلي ۽ ڏوھاري منشيات فروشن جو ساٿاري ايس ايس ايڇ او عبدالرزاق ڪمانڊو جي ڪري  شھر ۾ وڌندڙ بدامني تي ضابطو نه  اچي سگھيو آھي شھري  واپاري دڪاندار سري عام ڦرجڻ لڳا ! چور پوليس کان زور يا چور ۽ پوليس ھڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آھن جو ڏينھن توڙي رات خالي نه آھي جو ڪا چوري يا ڦر جي واردات ٿئي ڦورن پاران انڊس ھاء وي تي قائم يوٽلٽي اسٽور تان مينجر طارق ۽ عملي کي يرغمال بڻائي لکين روپيا روڪ رقم ۽ عملي کان موبائيل فونون ڦر ڪري فرار ٿي ويا ! ساڳئي علائقي ۾  مدينه ننگر ۾  رڪشا ھلائي گذرسفر ڪندڙ پورھيت عرفان لاکيرکي رڪشا تي  مسافر /سواري بڻجي بڪ ڪرائي بختاور اسپتال واري گھٽي ۾ ھٿيارن جي زور تي موبائل فون ۽ پئسا  ڦر ڪري ويا جڏھن ته  الحسيني هول سيل دڪان تان ڦورو  اعجاز پٺاڻ ۽ ڪليمﷲ قريشي  کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي لکين روپيا روڪ ۽ 2 موبائلون ڦر ڪندي سري عام هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا ـ بسم الله ڪالوني ڀرسان پورھيت کي يرغمال بڻائي روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦري ويا ! اھڙين ڪارواين باوجود ڄامشورو  پوليس خاموش تماشائي بڻيل آھي  متاثرن پاران سخت احتجاج جو چتاء ڏنو آھي ته ڦر ٿيل رقم ۽ سامان واپس نه  ڪيو ويو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.